سنڌ پوليس پاران57 هزار مفرور ڏوهارين خلاف وفاق کان مدد طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان مدد طلب ڪندي ايف آءِ اي کي درخواست ڪئي آهي ته 57224  مفرور ڏوهارين جا نالا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي واري لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪريو. سنڌ حڪومت نادار کي درخواست ڪئي آهي ته انهن ڀاڳوڙن ملزمن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن. سنڌ پوليس جي ليگل برانچ جي هڪ سينئر آفيسر موجب سنڌ پوليس ان سلسلي ۾ ٻنهي وفاق ادارن کي خط لکي ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڏوهن بالخصوص اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ گهڻي ڀاڱي اهي روپوش ڏوهاري ملوث آهن. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ پوليس کان تفصيل طلب ڪيا هئا ۽ عدالت م پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڏ جي 57 هزار کان وڌيڪ استحارين مان 22171 جو تعلق رڳو ڪراچي سان آهي. رپورٽ موجب انهن مفرور ڏوهارين مان 1347 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن ۽ ٻيا مختلف عدالتن کي گهربل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آحي ته 7044 ڀاڳوڙن جا ڪيس حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن جي دهستفردي ٽور عدالتن کي گهربل آهن جڏهن ته ٻين مفرورن جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن. ان ڏس ۾ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اي سي ايل ۾ نالا داخل ڪرڻ ۾ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو