نرسز تي لٺبازي، گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪريو، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير نرسز تي تشدد جو نوٽيس وٺندي گرفتار نرسز کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪلب کان سي ايم هائوس تائين مارچ ڪندڙ نرسز تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺين ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا، پوليس 25 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو نرس طرفان 15 ڏينهن کان مطالبن جي مڃتاء لاءِ مظاهرو ڪيو پئي ويو. نرسز طرفان ريڊ زون ۾ داخل ٿي سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس لٺبازي ڪئي، جنهن بعد مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون. پوليس اهلڪارن مختلف هنڌن تي لٺبازي ڪندي مظاهرين کي روڪي ڇڏيو. چڪرين کانپوءِ پوليس اهلڪارن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا. سندن احتجاج ۾ تحريڪ انصاف جي دعا ڀٽو به پهتي هئي. نرسز جو چوڻ آهي ته حڪومت مطالبا منظور ڪرڻ بدران تشدد جو رستو اختيارڪيو آهي، مطالبن جي منظوري تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. سنڌ نرسز الائنس جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ نرسز جو ٻن هفتن کان احتجاج هلندڙ آهي، جنهن دوران هنن سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي ۽ آءِ سي يو جو به بائيڪاٽ ڪيو هو. سندن مطالبو آهي ته هنن جي پگهار، الائونس ۽ ٽريننگ دوران وظيفو وڌائي ٻين صوبن برابر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو