سنڌ پنجاب جي ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو،عدالت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جَي قيام کي ايترو عرصو گذري ويو پر اسان اڃا تائين ڌاڙيلن مان جند نه ڇڏائي سگهيا آهيون، خط ”بابو“ لکندا آهن، پوليس جو ڪم ڪارروائي ڪرڻ آهي. رحيم يار خان مندر حملي ڪيس ۾ پنجاب جَي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪچي جو علائقو سنڌ سان به لڳي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي طرفن کان گڏيل ڪارروائي ڪجي ته ڪم ڇو نه ٿيندو، عدالت راڄنپور، رحيم يار خان، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو