سنڌ پاران 5 رڪني ڪميٽي قائم، سينٽ ۾ ٺهراءُ پيش

اسلام آباد/ ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سان بدسلوڪي بابت جاچ لاءِ 5 رڪني وزيرن جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سعيد غني جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ سيد ناصر شاهه، سردار شاهه، مرتضيٰ وهاب به شامل آهن. هي ڪميٽي 30 ڏينهن اندر جاچ ڪري وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي. ٻئي پاسي مسلم اپوزيشن ايوان بالا سينيٽ ۾ پارليماني جاچ ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي. قائد ايوان شهزاد چوڌري ان جي مخالفت ڪندي چيو ته آرمي چيف ۽ سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي جاچ لاءِ حڪم ڏئي چڪا آهن انهن جي جاچ رپورٽن جو انتظار ڪيو وڃي. سينيٽ ۾ اپوزيشن وارن مريم نواز جي ڪمري تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته چادر چارديواري جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو