سنڌ پاران وفاق جي آئيلينڊ اٿارٽي غير قانون قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ٻيٽن بابت قائم ڪيل وفاقي اٿارٽي کي غير قانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻيٽن جي ترقي لاءِ وفاقي سرڪار سان سٺي نيت سان ڳالهيون ڪيون هيون، هاڻي وفاق سان ان معاملي بابت ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون.اهڙو اظهار سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڏنگـي ۽ ڀنڊار ٻيٽن لاءِ آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام واري صدارتي آرڊيننس کي غيرقانوني سجهي ٿي. وفاقي سرڪار کان آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ٿا ڪريون.هنن چيو ته ٻيٽ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن، آرڊيننس ذريعي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار ڪنهن به وقت ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، اسان چيو هو ته ٻيٽن جي ترقي لاءِ ڪوبه ڪم ڪرڻ کان اڳ اسان کي آگاهي ڏني ويندي، وفاقي حڪومت اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا آرڊيننس جاري ڪيو، هاڻي وفاق تي ڀروسو نه آهي، جڏهن کانئن پڇو ويو ته سنڌ جي گورنر چيو آهي ته سنڌ حڪومت اين او سي ڏئي ڇڏي آهي ته مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر کي عقل گهٽ آهي، تنهن ڪري اين او سي جاري ٿيڻ جي باري ۾ هن بيان ڏنو. هنن کان ان بابت ڪيترائي سوال ٿيا پر هنن ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي فيصلن بابت بريفنگ دوران اطلاعات جي وفاقي وزير شبلي فراز ٻيٽن بابت چيو ته سنڌ حڪومت وارا اسان سان هڪ ڳالهه ڪن ٿا ۽ بعد ۾ ٻئي ڳالهه ڪن ٿا، اسين ته کين نئون شهر ٺاهي ٿا ڏيون، روزگار به انهن کي ملندو، ترقي بن انهن جي ٿيندي. هن چيو ته بلاول کي اهو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها ته جيئم مودي ڪشمير تي قبضو ڪيو ايئن وفاقي حڪومت ڪري پئي، ڇا اسين پاڪستاني ناهيون، اسان ڀارتي آهيون؟

پهنجو تبصرو موڪليو