سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورت جسٽس نديم اخترجي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ کي فوري هٽائي نئون آفيسر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت بدعنواني جي ڪيس ۾ مارچ 2018 ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ سهيل پٺاڻ کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي عمل نه ٿيو هو. عدالت چيف سيڪريٽري کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن خالد چشتي ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي اي به موجود هئا، جن کي عدالت حڪوم نه مڃڻ تي ڇنڊ به پٽي. يعقوب ڄانڊيو جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي پيروي ايڊوڪيٽ حيدر امام رضوي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو