سنڌ يونيورسٽي ۾ منشي ابراهيم چيئر قائم ڪريو، ورسي ۾ مطالبو

سترموري(لال بخش سٺيو) سنڌ جي ساڃاوه وندن اديبن شاعرن ۽ سياستدانن مطالبو ڪيو  آهي  ته ابراهيم منشي جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪري ان جي رهيل ڪتابن کي ڇپايو وڃي ابراهيم منشي اڄ کان ٽيهه سال اڳ جيڪو ڪجه پنهنجي شاعري ۾ چيو سو اڄ سچ ثابت ٿي رهيو آهي ۔ منشي ابراهيم مزاحمتي شاعري جو امر ڪردار آهي جنهن جي شعر جي سٽ سٽ ۾ سنڌ جي دردن جي عڪاسي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو عڪس نقش جيان چٽيل آهي .

بلڙي شاه ڪريم لڳ ڏتا واهه تي  ابراهيم منشي جي 16 هين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري اديب ڊاڪٽر انور عالماڻي چيو ته منشي جيل جون صعوبتون ڀوڳيون بکون ڪاٽيون غريب هئڻ باوجود نه وڪاڻو نه ئي جهڪيو ۔ منشي جي سياسي جدوجهد توڙي شاعري سنڌ سان هن جي عشق جو نرالو انداز آهي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي نالي واري شاعر حافظ نظاماڻي چيو ته منشي سچو کرو ۽ غريب دوست شاعر هو جنهن ون يونٽ جي تحريڪ کان ويندي ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۔ پنج سال جيل ۾ رهيو پر پنهنجي موقف تان هڪ انچ نه هٽيو ۔ منشي جاگيردارن ڀوتارن سرمائيدارن ۽ حڪمرانن جي اکين جو ڪنڊو هو هن جي هر شعر ۾ درد ۽ سنڌ نظر ايندي هو سنڌ جو عاشق هو. تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري محقق ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي  چيو ته سنڌ جي مزاحمتي ادب ۽ شاعري جو منشي سرواڻ هو ۔ هو هارين نارين شاگردن مسڪينن مظلومن جو ساٿي هو ۔ هن جي هر لفظ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي جي دردن جو درمان شامل آهي ۔ هن چيو ته  ابراهيم منشي جبر ۽ ڏاڌ خلاف ويڙه ڪئي نه هٽيو نه لڏيو نه وڪيو منشي تاريخ جو هڪ سدا بهار ڪردار آهي جنهن کي تاريخ ۽ سنڌ ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي ۔ ناليواري قومپرست اڳواڻ ۽ منشي جي شاگرد مٺو مهيري  چيو ته منشي سنڌ کي اٺ ناياب ڪتاب ڏنا جيڪي سنڌي ادب جو اثاثو آهن تقريب کي محمد علي سومري طارق ابراهيم منشي   نور محمد ڪوريجو  به خطاب ڪيو جڏهن ناليوارن قومي فنڪارن ٻيجهل سنڌي وچن سنڌي  اياز منشي ابراهيم منشي جا قومي گيت ٻڌائي سڄي تقريب کي جهومائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو