سنڌ يونيورسٽي تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو 3 گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت سوڌو 67 آفيسرز خلاف فنڊز ۾ گهوٻين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڄامشورو ۾ سرڪل آفيسر جي فرياد تي يونيورسٽي جي فنڊز ۾ 73 ڪروڙ رُپين جي فنڊز ۾ گهوٻين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذريعن موجب ائنٽي ڪرپشن جي ٽيم سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇاپو هڻي ڪرپشن جي الزام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر اصغر هڪڙو سوڌو 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وي سي فتح محمد برفت اختيارين جو ناجائز استعمال ڪري فنڊز ۾ گهوٻيون هنيون، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ به ڇاپا هنيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪارروائي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر سوڌو 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو