سنڌ ورهائڻ بابت سنڌ اسمبلي مان مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ورهائڻ جي بيان خلاف سنڌ اسمبلي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. ٺهراءُ ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان جي مذمت ڪندي کانئنس معافي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صوبائي وزير شهلا رضا خالد مقبول صديقي جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. شهلا رضا تقرير ڪندي خالد مقبول صديقي سميت ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته اوهان حيدرآباد ۾ آمر ضياءَ الحق جو چاليهو ملهايو هو. شهلا رضا چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، ان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟ صوبائي وزير چيو ته ڪجهه عرصي لاءِ ڪراچي جي عوام کي بيوقوف بڻايو ويو،خالد مقبول سنڌ ورهائڻ واري بيان تي معافي وٺي. شهلا رضا چيو ته هتي ڪير به مهاجر ناهي، سڀ پاڪستاني آهيون ۽ سنڌ ۾ سڀ سنڌي آهيون. هن چيوآهي ته  مهاجر رڳو افغاني آهن، جن کي واپس وڃڻو آهي، ان کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حمايت ۾ ڏنل بيان خلاف به مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. جيڪو ايم پي اي ندا کهڙو پيش ڪيو هو، ندا کهڙي چيو ته عمران خان مودي جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ تي قوم کان معافي وٺي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو