سنڌ واسي خاندان سان پنجاب ۾ حادثو، ڀيڻ ڀاءٌ فوت

پڪا چانگ (ن سنڌيار) ڪرونڊي واسي فيملي سان پنجاب جي بکر واري علائقي ۾ حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا آهن. ڪرونڊي واسي فيملي پنجاب کان شادي ۾ شرڪت ڪري واپس ڪرونڊي اچي رهي هئي ته بکر واري علائقي ۾ ڊمپر جو ڪيري گاڏي کي ٽڪر لڳو، جنهن سبب  ڪيري سوار ڪرونڊي واسي اعجاز علي رحماني ۽ سندس ڀيڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويا. فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري سندن وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو