سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايم ايس رولز رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن جي ضلعن ۾ مقرري ۽ روينيو آفيسرن جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مقرري تي پابندي لڳائيندي سمورن مقرريون رد ڪري ڇڏيون، عدالتي فيصلي بعد پي ايم ايس رولز 2018 ع تحت ڀرتي ڪيل 189 آفيسرن کي پنهنجي پسند تحت سيڪريٽريٽ يا ٻين کاتن ۾ مقرري بابت چوائس ڏئي ڇڏي. جڏهن ته سنڌ سيڪريٽريٽ جو ڪو به ايس او، ڊي ايس يا ٻيو آفيسر ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر لڳي نه سگهندو ۽ نه ئي وري روينيو آفيسر سيڪريٽريٽ اندر پنهنجي مقرري ڪرائي سگهندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ هن وقت سنڌ اندر سيڪريٽريٽ ۽ روينيو آفيسرن جون ان سلسلي ۾ ٿيل مقرريون ختم ڪري آفيسرن کي پنهنجن پنهنجن پوسٽن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پٽيشنر ذوالفقار خشڪ ۽ ٻين جي آئيني درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ايڪس پي سي ايس ۽ پي سي ايس ملازمن جي سروسز رولز کي ضم ڪرڻ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل سرمد هاني موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت ايڪس پي سي ايس ۽ پي سي ايس رولز کي ضم ڪري پراونشل مينجمينٽ سروسز رولز ٺاهيا هئا، رولز جي ضم ٿيڻ بعد سيڪريٽريٽ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدن تي مقرر ٿي سگهن پيا، هن چيو ته ايڪس پي سي ايس ۽ پي سي ايس آفيسرن جو موڊ آف جاب ( ڪم ڪار جو طريقيڪار) مختلف آهي، سيڪريٽريٽ آفيسرن کي ضلعن ۾ مقرر ڪرڻ سان گورننس خراب ٿيڻ سان گڏ سفارشي ڪلچر کي هٿي ملندي، ان سان گڏوگڏ رولز جي ضم ٿيڻ سان اهل آفيسر وڏي پيماني تي نظر انداز ٿيندا. درخواستگذار جي وڪيل سرمد هاني مسلم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايم ايس رولز 2018ع تحت ڪميشن پاس ڪندڙن جو فيصلو ڊپارٽمينٽ ڪندو، اهي ميرٽ تي آيل آهن، عدالتي حڪم بعد پي ايم ايس رولز 2018 کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، ان ڪري انهن کي ڊپارٽمينٽ ٻيهر آفر آرڊر ڏيندو، کين سندن مرضي موجب سيڪريٽريٽ يا روينيو آفيسر طور مقرر ڪيو ويندو، جيڪڏهن اهي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي چونڊ ڪن ٿا ته انهن کي سيڪشن آفيسر (ايس او) طور مقرر ڪيو ويندو،جيڪڏهن اهي روينيو آفيسر ٿيڻ چاهيندا ته انهن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو