سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪليم امام کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ حڪومت کي وفاق سان صلاح مشورو ڪرڻ کان اڳ سيد ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽائڻ کان روڪيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪري 28 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي سماجي ڪارڪن بئريسٽر جبران ناصر پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته لڳي ٿوته آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ کان اڳ سنڌ حڪومت پاران وفاق سان مشورو نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته عدالت اڳ ئي اهڙو فيصلو ڏئي چڪي آهي ته سنڌ حڪومت وفاق سان مشاورت ڪرڻ بعد آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ بابت فيصلو ڪري سگهي ٿي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست جو لکت ۾ جواب پڻ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. بئريسٽر جبران ناصر پاران سيد ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽائڻ بابت سنڌ ڪابينا جي فيصلي خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سندس وڪيل فيصل صديقي اهو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سرڪار هڪ ٻيهر آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندي پوليس جي ڪم ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا بنا ڪنهن قانوني جواز جي آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان کان اڳ سنڌ سرڪار پاران آءِ جي کي تبديل ڪرڻ بابت وفاق سان ڪو مشورو نه ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ سرڪار پاران آءِ جي کي تبديل ڪرڻ بابت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکيل خط ۾ به مشاورت جو ڪو ذڪر ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار پاران آءِ جي کي تبديلي ڪرڻ واري درخواست مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيستائين ڪليم امام بابت فيصلو نه ٿو ٿئي ان وقت تائين آءِ جي جي چارج به ڪنهن ٻي آفيسر کي نه ٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ سرڪار عوامي مفادن وٽان آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان بابت وفاق سان فون تي مشاورت ٿي هئي جنهن تي جستس محمد علي مظهر چيو ته وفاق پاران ته سنڌ سرڪار کي آءِ جي تبديل ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو؟. قانون مطابق آءِ جي سنڌ جي عهدي جو مدو ٽي سال آهي ۽ نئين آءِ جي جي مقرري قانون مطابق ڪئي وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اسان آءِ جي سنڌ جي تبديلي کان نه ٿا روڪيون پر چاهيون ٿا ته اهو فيصلو قانون مطابق ٿيڻ گهرجي. عدالت چيو ته جيستائين اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت جي خط جو جواب نه ٿي ڏئي ان وقت تائين سيد ڪليم امام آءِ جي سنڌ جي عهدي تي ڪم جاري رکندو. جنهن تي سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شبير شاهه چيو ته جيڪڏهن اڄ شام تائين اسٽيشبلشمينٽ ڊويزن جواب موڪلي ڏئي ته ان صورت ۾ ڇا ڪجي جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن شام تائين اسٽيبلشمينٽ جو جواب اچي وڃي ته آءِ جي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي پڻ نوٽيس جاري ڪري 28 جنوري تي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو