سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي نه هٽايو ويندو، اٽارني جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين خوشدل خان چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي هٽائي نٿو سگهجي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 206 (2) موجب سپريم ڪورٽ جي ريگولر جج طور حلف نه کڻڻ واري تي لاڳو ٿينديو آهي ايڊهاڪ جج طور حلف کان انڪار ڪرڻ تي لاڳو نه ٿيندو. هن چيو ته اسين 21 آگسٽ تي آل پاڪستان لائرز ڪنوينشن گهرايو آهي جنهن ۾ آئندو جي حڪمت عملي جوڙينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي زوري ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ سميت اهم معاملن تي غور بعد فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 10 آگسٽ تي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد به چيو هو  ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. چيف جسٽس پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو. اٽارني جنرل چيو هو ته حلف نه کڻڻ تي آئين جو آرٽيڪل 206 ريگيولر جج تي لاڳو ٿئي ٿو، ايڊهاڪ جج تي نه. سندس راءِ جي ڪميشن جي سينئر ميمبرن به حمايت ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سصپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٽائڻ لاءِ مس ڪانڊڪٽ جو ريفرنس داخل ڪرڻ بابت به غور ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو