سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان

ابراهيم لاشاري

پنهنجي سونهن ڀري سرزمين کي اهو اعزاز رب سائين صدين کان وٺي عطاءَ ڪيو آهي ته هن خطي جا ماڻهون پنهنجي ڪم ۽ ڪردار سان پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو هميشه جرڪايو آهي اهڙي ريت کجين واري زمين جي چيڪي مٽي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته خيرپور خير سان ڪيترن ۽ شاعرن ، اديبن ، اهل قلم سان ڀري پئي آهي جن وقت به وقت واهه جو ادب جي دنيا منجهه نالو ڪمايو آهي اهڙي ريت سنڌ ڌرتي  جو هي خوبصورت  سدا بهار  شاعر ، اديب تاجل بيوس خميس ڏينهن  22 سيپٽمبر 1938ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر محمد جعفر سمون جي گهر ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه تعلقي سوڀوديرو ضلعي خيرپور ميرس کان ڪئي ، سندس تعليم جي ابتدا والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي نورپور  پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ٿوري عرصي بعد ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهي رهيو ته سندس زندگي جو سهارو ۽ زندگي جي ڇپر ڇانءَ يعني والد جو وڇوڙي زندگي جا سمورا سک کسي ورتا .

Writer Ibrahim Lashari

والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم پرائڻ کان به هٿ ڪڍي ،ڪلهي تي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو مسلسل زندگي جا ٽي سال  جهنگ جو منهن ڪري مينهن  جو ڌنار بڻجي  مينهن کي هون  مان  هون  ما ن جا ٻول پيو ڪاٽيندو هو . نيٺ سال 1949ع ڌاري مينهن جي ڌنارئپ پنهنجي مٺڙي امڙ پناهه خاتون جي چوڻ تي  ڇڏي پڙهائي جو وري شوق من ۾ جاڳي پيس ، ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيائين ۽ گريجوئيشن جي سند سنڌ يونيورسٽي منجهان پڻ حال ڪيائين ، هن تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات ) به سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري ورتائين ، پوءِ تاجل بيوس صاحب ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا ، جپان ، ٿائيلنڊ منجهان به تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري پوءِ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان  واپس موٽي اچي پڙهڻ پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي تعليم کاتي منجهه سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت 1960ع ڌاري  اختيار ڪيائين . تاجل بيوس صاحب مسلسل 8سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو سال 1968ع ڌاري پيغمبري پيشي کي ڇڏي تاجل بيوس صاحب هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ انويسٽيگيٽر  تي ڪم ڪندو رهيو اهڙي طرح تاجل بيوس کي انهي زماني ۾ گڏيل قومن (اقوام متحده) پاران (فيلوشپ ) منظور ٿيڻ کان پوءِ جپان جي شهر (ٽوڪيو ) ويو جتان واپس موٽي اچي سال 1973ع ڌاري (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ) جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ يعني ٻيهر چونڊجي وڃڻ بعد حڪومت پاڪستان جي وزارت خزانه منجهه (ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف) جو عهدو ماڻيائين اهڙي طرح تاجل بيوس وقت به وقت سرڪاري مختلف عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيند ي ڏيندي سندس سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد 21سيبٽمبر سال 1998ع تي رٽائرمينٽ ورتائين تنهن بعد سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر ،اديب کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهه ڪجهه ٽائيم لاءِ وائيس چانسلر جو (صلاحڪار ) مقرر ٿيو. تاجل بيوس کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو . تاجل بيوس سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي زياد تر وئي آهي همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ سونهن جو پوڄاري شاعر استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو  شاعرن جي ٽئين نمبر تي پڻ آهي  سندس شاعري ڪرڻ جي چڻنگ مال چاريندي  ٻاراڻي طبيت کائي شروعات ڪيائين سندس شاعري ڪرڻ جا سڀ گر حڪيم استاد  فقير  الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي حاصل ٿي  تاجل بيوس علمي ،ادبي ، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي ، شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيس ، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي منجهه پنهنجو شاعري ۾ تخلص (بيوس ) اختيار ڪري ادبي دنيا ۾ نالو نروار ڪرايائين.  سندس شاعري کي سنڌ جي  ڪيترن ئي فنڪارن ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن تي ڳايو ويو ۽ زبردست موٽ پڻ ملي .  تاجل بيوس هڪ لاجواب شاعر جنهن جي شاعري منجهان جديد توڙي قديم  سڀني صنفن جا رنگ نروار آهن ، هن شاعري جي مڙني صنفن۾ پاڻ ملهايو جهڙوڪ وايون ، بيت ، قطعا ، گيت ، لوڪ گيت ، ڪافيون ، غزل ، آزاد نظم ۽ نثري نظم پڻ تي طبع آزمائي ڪري آساني سان ۽ عوامي انداز سان شاعري ادبي دنيا وارن آڏو پيش ڪئي ۽ وڏي مڃتا ماڻيائين ، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کيس ( مصور شاعر ) جي خطاب سان نوازيو  تاجل بيوس پنهنجي شاعري وسيلي الله تعالي جي ثنا ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ دعاڳو آهي ۽ پنهنجي من اندر لڪيل آواز عام ماڻهن جي آڏو هن طرح پيش ڪري ٿو

اول عالم جو ڌڻي ، خالق  خلقڻهار ،

ملي ڪايا ڪين کي ، جڏهن ڀونءِ  بڻي ،

اڳي جي احسان جي ، هئي گهرج گهڻي ،

بيوس جڏهن ڀونءِ تي ، ڦيري رب ڦڻي ،

ماڻهون ملڪ ملير جا ، ٿڪا کوڙ کڻي ،

واحد جا وڻي ، سا سونهن ڏنائين سنڌ کي

تاجل بيوس جي شاعري سڀني رنگن سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي  تاجل بيوس طويل نظمن منجهه وڏي ڪاريگري ۽ مهارت رکي ٿو سندس  هڪ شعر ۾ پنهنجي زباني فرمائي ٿو ته

 هن ۾ موتي محبت وارا، هن ۾ الفت جا اقدام ،

هن ۾ رانجهو تخت هزاري، آ پر راوي جي هن پار .

تاجل بيوس ڀلوڙ شاعر سان گڏوگڏ هڪ ماڻهون مڻيادار ۽ بهترين انسان ۽ سنڌي ادب ۽ شاعرن جي فهرست ۾ نالو اعلي درجي حيثيت سان ورتو ويندو آهي . هن شاعري کان علاوه نثر ۾ به پاڻ ملهايو ڪيترائي سوين مضمون سندس سنڌ جي مختلف رسالن ، اخبارن جي زينت بڻيا ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو پڻ ڪيو  سندس ادبي پورهي تي نظر ڪبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ 44کان به مٿي ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي شاعري ۽ نثري صنفن کي آسودو بڻايو آهي سندس پورهي منجهان 34 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۽ اديبن جي هٿن تائين پهتا آهن ،تاجل بيوس سنڌي زبان کان علاوه اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پڻ لکي پنهنجي شهريت ۾ اضافو ڪيو تاجل بيوس جي  شهرت جي آسمان تي پهچائڻ جو وڏو سبب هڪ لکيل گيت ( سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ) سنڌي جي ڪلاسيڪل فنڪاره ميڊم عابده پروين صاحبه ڳائي سندس شاعرن جي صنف ۾ تاجل  بيوس کي چمڪندڙ ستاري وانگر نروار ڪرايو . سندس ادبي پورهي منجهان پهريون شاعري مجموعو (جڏهن ڀونءِ بڻي ) سال 1982ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو ان کان علاوه سندس اردو شاعري جو مجموعو (انداز بيان اور ) به سنڌي اردو ادب جي زينت بڻيو آهي ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽ ادب جو پارکو (محسن ڀوپالي) لکيو هو. تاجل بيوس صاحب جي ڪتابن جي مالها منجهان انبن جهليو ٻور (شاعري ) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري ) ڪنڌي ءَ ڪنئور ترين (شاعري ) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا(  شاعري) تاجل جو رسالو (شاعري) اندر بيان اور (اردو شاعري) سرخ گلابون ڪي موسم (اردو شاعري ) ڏوريان ڏوريان م لهان (9 شعري مجموعا گڏ) تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل)چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل) ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم) ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو) آريجن کان الهاس نگر ، پکي ساڳئي پار جا ، سون سريکا چارسن ، صحرا ستر جن ،  ڏک سکن جي سونهن ، سج چنڊ ڪتيون تارا ،   ان کان سواءِ هن جو هڪ ڪتاب انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ نالي هڪ نثري ڪتاب به ڇپيل اٿس  سندس جي ڪتابن جو تعداد 44 کن آهي  سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عظيم انسان تاجل بيوس پنهنجي ديس کان علاوه دنيا جا ٻيا ملڪ به گهمي ڏٺا جن منجهه آمريڪا ، جپان ، جرمني ، انڊيا ، ٿائيلينڊ ، هانگ ڪانگ ، وغيره  تاجل بيوس کي سندس ادبي پورهي تي ڏهن کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويو سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو مالڪ شاعر ،اديب اوچتو 4 ڊسمبر جي تاريخ تي اڌ  رنگ (فالج جي بيماري) جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو جنهن کان پوءِ هو بيهوش ٿي عليل ٿي ويو آخر ڪار هن سهڻي ڀلوڙ  سرموڙ سدابهار شاعر جي زندگي تي بيماري ٽڪ هڻي بيهي رهي موت جو راڪاس سندس وڌيڪ لکڻ ، ڳالهائڻ نه ڇڏيو. هو ادب ، شاعري جا سڀ رنگ دروازا بند ڪري دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب اسان کان 13 ڊسمبر 2008ع ڇنڇر ڏينهن زندگي جا 70 سال 2 مهينا 21 ڏينهن بعد هميشه لاءِ موڪلائي ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو . سندس ورسي ملهائي پئي وڃي. سندس ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تاجل بيوس جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي  سندس جو ڪلام پيش ڪجي ٿو .

سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان

ڇا لکي ڇا لکان ، ڇا لکي ڇا لکان

هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان 

ڇا لکي ڇا لکان ، ڇا لکي ڇا لکان

پهنجو تبصرو موڪليو