سنڌ مان ڌارين کي واپس موڪليو، وسيلن تي ٻوجهه آهن. زين

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ملڪ اندر هڪ اهم مسئلو اهو آهي ته 1979ع کان وٺي هتي غير ملڪين جي آمد جاري آهي ، خصوصا“ صوبي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تيزي سان وڌي رھي آهي جنهن سبب سنڌ جي وسيلن تي اضافي ٻوجهه هجڻ ڪري سنڌي ماڻهو سخت مصيبت کي منهن  ڏئي رهيا آهيون .  اهڙو اظهار سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي  اڳواڻ سيد زين شاھ سنڌ ھائوس سڪرنڊ ۾ ايس يو پي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن جي مان ۾ سڏايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڌارين جي آبادڪاريء سبب امن امان جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ڪاروبارن ۽ نوڪرين تي پڻ اهي قابض ٿيندا پيا وڃن . پاڪستاني رياست انهن کي ڪڍڻ لاء ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي . غير ملڪين کي ڪڍي رياست ۾ امن قائم ڪيو وڃي . هن چيو ته ڪورونا وائرس ۽ ماڪڙ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي . ڪورونا سبب معيشت تي تمام خراب اثر پيا آهن ۽ ماڪڙ جيڪري ڳوٺاڻي معيشت تباھ ٿي وئي آهي . ھن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايس يو پي قومي جهموري پارٽي آهي جيڪا وسيلن جي مالڪي ۽ حقن ڏيارڻ جي ڳالھ ڪري ٿي . اختلاف طريقيڪار جا هوندا آهن . معاشري جي جوڙجڪ ۾ ڌارين جو قبضو آهي ، مقامي بااثر ماڻھن ذريعي اهي حڪمراني ڪن ٿا . اليڪشن جي طريقي کي جائز سمجهندي اسين اهو به چونداسين ته اسان کي هر حال ۾ پنهنجو دفاع ڪرڻ گهرجي . حب الوطنيء سبب قومي پارٽين جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي هن چيو ته جيڪي ڏاڍ ۽ جبر جو طريقو اختيار ڪن ٿا ، اهي سنڌ جا سڄڻ ناهن . اسين قومي جماعت آهيون ، هتي جيڪي به نسل رهن ٿا ۽ مختلف دورن ۾ اچي آباد ٿيا آهن ۽ اهي سنڌ جي مفادن لاء سچائي سان ڪم ڪن ٿا ، انهن کي گڏ کڻي اڳتي هلي سگهون ٿا . اسين ڏاڍ ذريعي حڪومت ڪندڙن جي مخالفت ڪيون ٿا . 18هين ترميم کانپوء به اسان وٽ صوبائي خودمختياري نه آهي اسان سمنڊ ۽ درياء جي مالڪي چاهيون ٿا . وفاق هر وقت صوبن سان ناانصافي ڪري ٿو ۽ صوبن جا حق غضب ڪري ٿو . وفاقي حڪومت ڪو اعلان ڪري ٿي ته اسان مخالفت ڪنداسين . هن چيو ته پي ٽي آء جي اچڻ سان اها ڳالهه چئي پئي وئي ته احتساب جو عمل ٿيندو جيڪو نظر نه پيو اچي ، عمران صرف ماڊل جي ڳالهه ڪري ٿو پر ڪري ڪجھ به نٿو . زرداري اينڊ ڪمپني سڄي ملڪ کي لٽيو آهي ان خلاف ڪجهه نٿو ڪيو وڃي ، جيڪڏهن قانون آهي  ته انصاف نظر اچڻ گهرجي ، ڪورٽون ۽ ادارا انصاف نه ڏيندا ته گهڻو ڪجهه ٿيندو . سنڌ حڪومت پاران تعليم صحت  ۽ زراعت ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي اسين ان جي مذمت ڪيون ٿا . PPPحڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جا لاش ڏنا. جيڪا مذمت جوڳي ڳالهه آهي . دادو شگر مل ، ٺٽو شگر مل ۽ سنڌ جون ٻيون ڪافي ملون ، عذير بلوچ جي معرفت ڏاڍ ذريعي حاصل ڪيون ويون انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي . هن ورڪرن کي چيو ته اڻٿڪ محنت سان پنهنجي جاء ٺاھيو ، هن علائقي جي برادرين ايس يو پي کي جيڪا عزت ڌني آهي ۽ جيڪا اسان کي عزت ڏني آهي ، ان لاء آئون سندن ٿورائتو آهيان . سيد زين شاه کانسواء فلڪ شير اوڏ ، مجيب ماڇي ، ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين به خطاب ڪيو . ان موقعي تي جسقم ، ٻين سياسي پارٽين ۽ مختلف برادرين جي قاسم سومرو ، جاويد ڪيريو، بابر ڪيريو،معشوق علي ، جاويد خاصخيلي ، غلام رسول ، لالا طارق پٺاڻ، محبوب علي ڪلهوڙو ، علي محمد ماڇي ، اعجاز علي ، نورالدين لاکو سميت ٻارهن کان مٿي ڪارڪنن ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب ۾ عثمان پارس ، قلندر بخش ملاح ، علي بخش ڪيريو ، علي عمران ڪيريو،پرويز عالم ڀٽي ، سبحان چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو