سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ جيئي سنڌ جو احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن س) ڌارين جي آبادڪاري ۽ افغانين جي نيڪالي لاء جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڀٽائي چوڪ تي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي فقير رمضان ڪلوڙ، ڪمال مهر، نظيرشيخ،  ميرحسن لاشاري، اڪرم ميتلو، وحيد سنڌي، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ آيل سمورن ڌارين افغاني پٺاڻن، برمين ۽ بنگالين سميت 1954 کان پوء آيل سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ته ناهي جو سڄي دنيا جا تڙيل ماڻھون آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جو استحصال ڪرڻ بند ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ انفرااسٽرڪچر محدود آهي ۽ ڌارين جي اچڻ سبب ڌرتي ڌڻي بيروزگار ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو