سنڌ ليبر کاتي جي بجٽ مان 256 فليٽ انصاري شگر ملز لڳ تعمير

ٽنڊومحمدخان(لعل بخش سٺيو) ليبرڪالوني جا 256 فليٽ ٽنڊو محمد خان شهر ۽ آس پاس بدران انصاري شگر ملز جي زمين تي تعمير ڪيا پيا وڃن. انصاري شگر ملز ۽ اها زمين مني لانڊرنگ جو مک ڪردار انور مجيد سنڀاليندو آهي. سنڌ جي ليبر ڊپارٽمنٽ پاران 2018 ۾  ورڪرن جي فلاح و بهبود لاء اربين روپين جي  ليبر ڪالوني جي منظوري ڏني وئي هئي جنهن ۾ مزدورن لاء 256 رهائشي فليٽ تعمير ڪرڻا هئا جيڪي ٽنڊومحمدخان سٽي يا آسپاس ۾ تعمير ڪرڻ بدران مني لانڊرنگ جي مک ڪردار انور مجيد جي انصاري شوگر مل واري زمين ۾ تعمير ڪيا پيا وڃن.

هن ليبر ڪالوني جو ٺيڪو  پنهنجي من پسند ڪريسنٽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني کي ڏنو آهي، هي  پراجيڪٽ 3 سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو. پي پي سرڪار پاران ليبر سٽي جي 256 گهرن جو منصوبو ٽنڊومحمدخان سٽي ۾ نه ٺاهڻ ۽ ساڳئي منصوبي کي سياسي بنياد تي انور مجيد کي سندس شوگر مل کي ترقي وٺرائڻ لاءِ شگر مل جي زمين تي تعمير ڪري ڏنو پيو وڃي. 

ٽنڊومحمدخان ضلعي جي سماج سڌارڪن ليبر ڪالوني جي هلندڙ تعميراتي ڪم متعلق نيب توڙي اعلى اختيارين کان جانچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ خدشو طاهر ڪيو آهي ته اهي فليٽ عام مزدورن بدران شگر ملز جي ملازمن ۾ ورهايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو