سنڌ لاءِ وري افغاني پناهگيرن جو نئون آزار؟

اعجاز علي سوڍر

اسان سنڌي مهمان نوازي ۾ ملڪن ۾ مشھور هئاسين۔ اسان دليري، نياڻين جي عظمت جي حفاظت، انصاف پروري، حق لاء ڪنڌ ڪپائڻ، حق تي ڪنڌ ڪپڻ، ننگن جي حفاظت، ڌرتي ماتا جي محبت، وڏڙن جي عزت و احترام، ننڍن جي اصلاح، دوستيءَ ۾ سر گهورڻ، يارن مٿان گهر ٻار ٻچا قربان ڪرڻ، دوستيءَ ۾ سڀ ڪجهه لٽائڻ، ٻين جي ننگن، ملڪيتن ۽ عزتن جي حفاظت جا فرائض نڀائڻ ۽ پنهنجن مٿان سِر وارڻ ۾ ڪڏهوڪو مڃتا ماڻي۔ اسان جي انهن گڻڻ جا گيت ٻين قومن به ڳايا، اسان جي سورهيائي سڄي جڳ ۾ واڪا ڪندي رهي، اسان جي غيرت جا چرچا ڏيھه توڙي پرڏيھه مشھور هئا۔ اسان وَنِي، ٻَنِي ۽ ڪُني مٿان ڪنڌ ڪپائڻ ۾ فخر ڄاڻندا هئاسين۔ خوشي خوشي سولي سجائڻ ۾ اسان مشھور هئاسين۔ اسان جي امڙين اسان کي لولي ئي اهڙي ڏني هئي جو نه ڪنهن جي ٽِڻ ٽِڻ سَهون ۽ نه ئي وري ڪنهن سان ڪا ناجائزي ڪيون۔ انصاف اسان جي سوغات هوندي هئي۔ مڃون ٿا ته ڪجهه ايمان فروش وقتًا فوقتًا اسان منجهه جنم وٺي پنهنجن جا ڪنڌ چوري چوري ڪپرائيندا رهيا۔ پر پوء به اڪثريت اسان جي جوڌن جوانن جي رهي۔ اسان جي سنڌ سونهاري سونا سنگ اپائڻ ۾ ڏيهون ڏيهه مشھور هئي۔ اسان جي سنڌ جو سر سبزو غيرن جو روح للچائيندو رهيو۔ جنهن ڌارئي منهنجي سنڌ جي سندرتا ڏٺي تنهن جي دل للچائيندي رهي۔ غير گِگَ ڳاڻيندا منهنجي سنڌ مٿان قابض ٿيڻ جا خواب ڏسندا ڪاهي پيا۔ هتان جي جوڌن هربار انهن کي ماري ڀڄايو۔ اسلام جي اچڻ کان بعد سنڌ پنهنجو سڀ ڪجهه واري ڇڏيو۔ هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي جي وقت جيڪي مختلف مذهبن جا ماڻهو گڏجي رهندا هئا سي هڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻجي هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ هڪ ٻئي جي ٻچن کي ذبح ڪرڻ لڳا۔ رت جي هولي کيڏي وئي۔ خاندانن جا خاندان انهي رتوڇاڻ ۾ پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺا۔ انهي خوني منظر پٿر دلين کي به پگهاري رکيو۔ هتان ڪجهه هندو خاندان پنهنجا ٻچا ٻار وٺي هندستان جي مختلف صوبن ۽ شھر ۾ آباد ٿيا۔ هندستان منجهان اسان جا مسلمان ڀائر پنهنجا سر بچائي پاڪستان جي سرحد ۾ داخل ٿيا۔ انسانيت ۽ ايمان جي رشتي انهن کي پاڪستان ۾ رهائڻ فرض ڄاتوسين۔ هنن مهمان ڀائرن کي رهائڻ ته وڏي ڀاءُ جو ڪم ۽ فرض هو پر کين “پاڪستان آگي هي” جو ڏٽو ڏئي سنڌ طرف روانو ڪيو ويو۔ سنڌي جيڪي مهمان نوازيءَ ۾ اڳي ئي ڪُٺل هئا تن پنهنجا گهر کين رهڻ لاءِ ڏنا۔ کين پنهنجون جائدادون ۽ ملڪيتون ڏنيون، مٿن گهور وڃڻ لڳا۔ اسان جي وڏڙن کين مظلوم ۽ لاچار سمجهي پنهنجن گهرن ۾ رهايو۔ اصل ۾ انهن رحمدلي ۽ همدرديءَ جي جذبي تحت اهڙي غلطي ڪئي جنهن جي سزا سندن نسل ڀوڳي رهيو آهي۔ جن کي بيوس ۽ لاچار سمجهي پنهنجي گهرن ۾ پناهه ڏنيسون اهي ئي اسان جي ٻچن جا مارا بڻيا۔ اسان کي اسان جي گهرن مان بي گهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويا، اسان کي اسان جي ملڪيتن منجهان بي دخل ڪرڻ ۾ وَسان ڪين گهٽاين۔ اسان جو نسل روئندو رهيو، پنهنجا سِر قربان ڪري پنهنجي چمن جي حفاظت ڪرڻ لڳو۔ جن کي ڀاءُ سمجهي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسون اهي ئي اسان جا قاتل نڪتا۔ انهن جي طرفان مليل رت جا تحفا اڃان سنڀالي به نه سگهيا هئاسين ته وري مٿان برما جي بربريت جو شڪار مسلمان جلا وطن ٿي پاڪستان پهچڻ لڳا۔ انهن کي به ٻين ڀائرن لوڌي ڪڍيو، پوءِ اهان به قرباني سنڌ کان ورتي وئي۔ سنڌ انساني همدردي ۽ ايمان جي جذبي تحت هنن کي به لبيڪ چيو۔ کين پنهنجي دامن ۾ لِڪڻ جي جاءِ پناهه عطا ڪئي۔ هنن برمي ڀائرن جي استقبال کي ڏسي بنگالين جي دل به للچائڻ لڳي۔ برمين کان وڌيڪ بنگالي سنڌ ۾ اچي واڳون وارا لڙڪ لاڙي جاءِ پناهه ڳولهڻ لڳا۔ سنڌ پنهنجي رحمدليءَ جي ڪري اهو به ڌوکو کائي ويٺي۔ بنگالين کي به مظلوم برمي سمجهي پنهنجي آنچل ۾ لڪائي ويٺي۔ هنن ڀائرن به سنڌ سان اها وفا نه ڪئي۔ سنڌ جن جن به ڌارين کي اپنائي پنهنجي دامن ۾ لِڪايو انهن ئي سنڌ جي سيني ۾ خنجر هڻي کيس ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ ۾ پنهنجون پوريون ڪاوشون صَرف ڪيون۔ سنڌ جي ٻچڙن سان پنهنجو پورو پورو وَير نڀايو۔ سنڌ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ پنهنجو پورو پورو زور لڳايو۔ سنڌ ۽ سنڌ وارن جي اها ئي غلطي هئي جو هنن ڌارين کي اپنايو، پنهنجي سيني سان لڳايو، پنهنجي حصي منجهان ڪڍي کين کارايو، کين پنهنجن ٻچن جو رکوالو بڻايو۔ هنن موٽ ۾ جيڪو سِلو ڏنو، هنن جيڪو پنهنجي محسنن جي احسانن جو بدلو ڏنو، هنن جيڪو سنڌ ۽ سنڌ وارن سان نڀايو اهو روز روشن جيان پوري قوم جي اڳيان عيان آھي۔ هنن پنهنجي محسنن جي احسانن جو خوب بدلو ڏنو۔

اسان پنهنجي وڏڙن جي مهمان نوازي ۽ احسانن جي سزا چڱي ريت کاڌي آھي۔ هينئر وري اسان جي سنڌ مٿان ٻيو ڪاپاري زخم رسائڻ جو منصوبو تيار ٿي رهيو آھي۔ اسان پنهنجي ملڪ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪو ڌنڌو سولائي سان ڪري نه ٿا سگهون۔ اسان کي اسان جي هنن صوبن منجهه ڪا ملڪيت ڌارڻ جي اجازت ڪونه ٿي ملي، اسان هنن صوبن منجهه ڪا وڏي نوڪري ڪري ڪونه ٿا سگهون ۽ وري اسان جي سنڌ ۾ هر وڏي طاقتور ڪرسيءَ تي اسان جا وڏا ڀائر براجمان آھن۔ اسان پنهنجي گهرن ۾ به غير محفوظ بڻجي ويا آھيون۔ اسان کي اسان جي گهر ۾ زبردستي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رچجي رهي آھي۔ هر ڌارئي کي سنڌ ۾ رهائڻ لاء ڇا منهنجي سنڌ ئي مال غنيمت آھي؟ ها ها منهنجي سنڌ نڌڻڪي بڻائي وئي، منهنجي جيجل جا جوڌا نظر بند ڪيا ويا، ڪي ڪُٺا ويا ته کنڀي گم ڪيا ويا۔ جنهن به ڪُڇيو ماريو ويو۔ هاڻي سنڌ ۾ افغانين کي رهائڻ لاء پِري پلاننگ ڪري ان کي عملي رُوپ ڏئي رهيا آھن۔ سلام اسان جي نادرا وارن ڀائرن کي آھي جيڪي چند ٽڪن عيوض پنهنجو ايمان وڪڻي ڌارين کي سنڌ جي ائڊريس جو ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهيا آھن۔ هاڻي مهاجر، برمي، بنگالي ۽ افغاني اسان جي گهرن جا وارث بڻيل آھن۔ اسان جي سنڌ جو امن اڳ ۾ ئي هٿ وٺي خراب ڪيو ويو ته ويتر هاڻي اسان کي اسان جي گهر ۾ گهڙي ماريو ۽ ڦريو لُٽيو وڃي ٿو۔ اڄ اسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ به پرديسي سمجهون ٿا۔ صبح جو روزي خاطر نڪتل ماڻهو جا گهر وارا ڊنل رهن ٿا ته رڳو خير سان گهاتو گهر موٽن، رات جو گهر اندر به بي آرام آھيون ته متان ڪو اچانڪ گهر ۾ گهڙي اسان کي بي آبرو ڪري، رستي ويندي خوف ٿئي ٿو ته متان ڪير واٽ ويندي گولي هڻي وٺي۔ امن امان جي اهڙي صورتحال آھي۔ اسان سنڌ وارن کي پنهنجي سنڌ جو ڊوميسائل ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاء در در جا ڌڪا کائڻا پون ٿا پر ڌاريا اسان جي سنڌ جي جنهن به شھر چاهي ڳوٺ جو چاهن پئسن عيوض آسانيءَ سان ڊوميسائل ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري وٺن ٿا۔ انهيءَ کان پوءِ ھتي جي اهم عهدن تي فائز ٿيڻ سندن لاء تمام آسان ٿي پوي ٿو۔ بس چند پئسا خرچ ڪري اسان جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا۔ اسان وٽ اڳ ۾ ئي بک بدحالي جا ديرا ڄمايل آھن، مٿان بي روزگاري ۽ مهانگائي هوش خطا ڪري رکيا آھن۔ اسان جا نوجوان هٿن منجهه وڏيون وڏيون ڊگريون کڻي در در جون ٺوڪرون کائيندا وتن ٿا، کين ڪا نوڪري ملي انهيءَ انتظار ۾ سندن ابو امان اڌورا سپنا اکين ۾ رکي دارالبقا جي طرف راهي ٿي وڃن ٿا۔ هتي پئسن عيوض طاقتور ڪُرسيون هٿ ڪري منهنجي اٻوجهه عوام مٿان جيڪي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا اهي سڀني جي سامهون واضع آھن۔ اهڙيون ڪُرسيون هٿيائڻ کان بعد اهي ڌاريا پنهنجن کي گُهرائي ٻيون نوڪريون ذاتي حق سمجهي انهن ۾ ونڊيندا آھن۔ اسان جي سنڌي عوام کي ايئن لاوارث ڪري مارايو وڃي ٿو۔ جي ڪُڇون ٿا ته جواب ملي ٿو ته اسان سڀ پاڪستاني آھيون۔ اسان سنڌ وارن جي حق جي ڳالھه نڪرندي آھي ته ان وقت سڀ پاڪستاني هجڻ جو نعرو هڻي اسان جو حق کايون وڃن ٿا پر جڏهن سنڌ وارن کي ٻين صوبن ۾ اهڙن حقن ۽ ڌارين کي اتي ترسائڻ واري ڳالهه نڪري ٿي ته ان تي سنڌ کان علاوه ٻيون صوبائي حڪومتون به اکيون ڏيکاري صاف انڪاري ٿين ٿيون ته وري انهن جو عوام اسان کان پاڻ کي لاتعلق ڪري ٿو۔ اسان وٽ هر ننڍي وڏي شھر ۾ هوٽلن جا مالڪ پٺاڻ ملندا، ڊرائيونگ جو سمورو نظام پٺاڻن وٽ، وڏي وڏي تجارت ۽ ڊيلرشپ پٺاڻن وٽ، اسان جي ٻهراڙين جا اڪثر ماڻهو به پٺاڻن جا مقروض آھن ته وري اسان وٽ هر طاقتور ڪرسيءَ تي پنجابي ۽ پٺاڻ ويٺل نظر ايندو۔

اسان جي سنڌ اندر پنجابي شھرن جا شھر هٿيائي ويٺا آھن۔ راقم جوھڪ دفعو شھداد پور وڃڻ ٿيو۔ اتي ڪجهه ماڻهن کان مطلوبه ڪالوني ۾ وڃڻ لاء ائڊريس پُڇي۔ مون سمجهيو سنڌ ۾آھيان سنڌ جو شھر آھي، سو سنڌي زبان ئي ڳالهائيم۔ پر منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جو سنڌي ڳالهائڻ تي هر ڪو مون کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳو ۽ مون پاڻ کي اتي يڪدم اجنبي پاتو۔ افسوس ٿيڻ لڳو ته پنهنجي سنڌ جي دامن ۾ آھيان ۽ سنڌي ڳالهائڻ تي مون کي سڀڪو عجيب نظرن سان نهاري پيو۔ مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ مان پنجاب جي ڪنهن شھر ۾ آھيان۔ اهڙي طرح ان پاسي اڪثر شھرن جي سموري آبادي پنجابين ۽ مهاجرن سان سٿيل ملي۔ ڏک ٿيو ته هي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي منهنجي سنڌ جي سيني تي آباد آھن، منهنجي سنڌ جو کائن ٿا، منهنجي سنڌ جو پيئن ٿا ته پوءِ اها نمڪ حرامي ڇو؟ سنڌ ۾ رهي سنڌ جو کائي سنڌ کي ٽوڙڻ وارن جا حامي ڇو؟ ڪراچي منهنجي سنڌ جي دل آھي، ڪنهن جي پيء جي ذاتي جاگير ناهي پر جن کي اسان انهيء دل۾ رهايو اهي منهنجي سنڌ جي دل کي سنڌ کان جدا ڪرڻ لاءِ ڪيترا دفعا وات هڻي چڪا، ڪيترائي دفعا اها ڳالهه ايوانن ۾ چئي چڪا، ڪيترا دفعا اها مهم ڀرپور نموني هلائي سنڌي عوام جي دل آزاري ڪري چڪا۔ انهي پروپئگنڊا تي منهنجا ڪيترائي ڪونڌر ڪُسجي چڪا۔ روز روز ڪراچيءَ کي ڪٽڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي۔ حيدرآباد به هاڻي هٿن مان نڪري رهي آھي۔ ھتي به سنڌين کي اقليت ۾ بدلائي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ھلي پئي۔ افغانين جا آزار ڏيهون ڏينهن وڌي رهيا آھن۔ هنن کي سنڌ ۾ رهائڻ جو پورو پروگرام رٿيو ويو آھي۔ اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته ڪنهن افغاني سان اگر ڪنهن سنڌيءَ جي ڪا ٿورڙي به منهن ماري ٿي ته ان افغانيءَ جي سڏ تي سڀ هوٽل بند ٿي وڃن ٿا، سموري ٽرانسپورٽ يڪدم بيهي وڃي ٿي، شھري زندگي کي بريڪ لڳي وڃي ٿي۔ سنڌ اندر ۽ مين شاهراهن تي هوٽلن جو سمورو سسٽم افغانين جي هٿ ۾ آھي جيڪي مسافرن کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آھن، سموري ٽرانسپورٽ جون واڳون هنن جي هٿ ۾، وڏا وڏا ڪاروبار هنن جي هٿ ۾، وڏيون ڊيلرشپون هنن وٽ، وياج ۽ قسطن جو ڪاروبار هنن وٽ ۽ هر قسم جي گهاتڪ هٿيارن ۽ هر قسم جون نشي آور شين جي اسمگلنگ به ججهي انداز ۾ ڪرڻ هنن افغانين جو خاص مشغلو آھي۔ اسان سنڌ وارن جن کي پنهنجي گهرن ۾ رهايو انهن اسان کي اسان جي سپوتن جا لاشا بند ٻورين ۾ تحفو ڪري ڏنا، پر هنن جي اچڻ کان پوءِ روڊن رستن ۽ گهرن ۾ پيل لاش ملندا۔ اڳ ۾ بحريا ٽائون جو واڳون منهنجي ڪافي سنڌ ڳڙڪائي ويو آھي، منهنجي ماروئڙن جي لاشن تي عمارتون اڏائي اسان کي بيوقوف بڻائي رکيائين۔ اسان اڃان ان آفت جي وَر چڙھيل آھيون۔ اها ئي مصيبت اڃان ٽَري ناهي ته وري مٿان افغانين جو آزار ۽ آفت ڪڙڪي آھي. افغانستان ۾ هن وقت هنن مٿان ڪهڙي جنگ مڙهيل آهي جو افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ لاءِ سڀ اچي تيار ٿيا آهن؟ ڇا مذهبي رواداري، مذهبي اُخوت، مذهبي همدردي ۽ مذهبي ايثار صرف صرف سنڌ مٿان لاڳو ٿئي ٿو يا ان ۾ ٻيا صوبا به برابر جا شريڪ آهن؟ هر بار سنڌ ئي قربان ڇو ٿئي؟ هر بار اهو رِسڪ سنڌ کي ئي ڇو ٿو کڻايو وڃي؟

منهنجي سنڌ امڙ کي وڪڻڻ وارا اهو ڇو وساري ويٺا آهن ته پنجاب اسان جو وڏو ڀاء آھي ڇا ان جو ڪو فرض ناهي ته هو اگر همدرديءَ جو جذبو رکي ٿو ته افغانين کي پاڻ وٽ رهائي؟ اگر اها ڳالهه پنجاب سان ڪئي ته اتان جا حڪمران ۽ عوام مرڻ مارڻ تي لهي ايندا پر پنهنجي ڌرتي ماتا تي ڌارئي کي رهائڻ جي اجازت هرگز نه ڏيندا۔ اگر اها ڳالهه خيبرپختونخواهه سان ڪجي ته افغاني توهان جي زبان وارا آھن توهان ئي هنن کي پاڻ وٽ رهايو! پر نه هو به مرڻ مارڻ جي ڳالهه ڪندا پر پنهنجي ڌرتي تي ڌاريو ڪڏهن به ڪونه سَهندا۔ باقي اها قرباني سنڌ کان ئي گهري وڃي ٿي۔ جيڪو ڪُڇندو ماريو ويندو يا کنڀي کڻي گم ڪيو ويندو۔ مذھبي همدردي، مذھبي اخوت ۽ مذھبي ايثار صرف سنڌ تي لاڳو آھي باقي ڄڻ ته ٻين صوبن جو ان سان به ڪو سروڪار ئي ناهي۔ منهنجي سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڌاريا آباد ڪري سنڌ کي مٽائڻ جي سازش ڪرڻ وارن ۾ ڪجھه منهنجا پنهنجا به شامل آھن جيڪي ڪجهه پئسي تي پنهنجو ايمان وڪڻي هن سازش جو حصو بڻجي چڪا آھن۔ هنن کان شايد اها ڳالهه وسري وئي ته گڏيل هندستان جي سرزمين جي سندرتا، هريالي ۽ خوشحالي ڌارين کي للچائيندي رهي۔ برطانيا جا انگريز هتي ڪاروبار جي بهاني آيا۔ جڏهن انهن هتان جي خوشحالي ۽ سونهن ڏٺي ته کانئن گِگَ ڳڻڻ لڳي ۽ هو هتي قابض ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳا۔ پنهنجن سپنن جي سانڀيان لاءِ ھتان جي ڪجهه ايمان فروشن جو ايمان چند ٽڪن تي خريد ڪري آھستي آھستي پوري هندستان تي قابض ٿي ويا۔ سندن لاءِ اهو تڏهن ممڪن بڻيو جو هنن سان گڏ هتان جا ڪجهه ايمان فروش پنهنجن جا مارا ٿي بيٺا۔ انهن انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پوري هندستان پنهنجا ڪونڌر ڪُهايا، پنهجن جي رت جون نديون وهايون، پنهنجا خاندانن جا خاندان قربان ڪيا تڏهن وڃي آزاديء جا ڪي آثار نظر آيا۔ ان وقت جي داستان کي پڙھجي ته رت روئڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا۔ اڄ اسان جي سنڌ مٿان اهڙو حملو رٿيو ويو آھي۔ اڄ اها ساڳي صورتحال منهنجي سنڌ جي ٿي رهي آهي. اڳ ۾ ئي اسان سنڌ وارن جا سُور ٻُڌائڻ کان وڌيڪ آهن ويتر جو ڪجھه پنهنجا پنهنجن جا مارا ٿي پنهنجي ڌرتي ماتا جو سودو ڪري منهنجي سنڌ سموري کپائڻ چاهن ٿا. منهنجي سنڌ جا سُور سوايا اڳ ۾ ئي آهن، بلڪه ايئن چئجي ته منهنجي سنڌ سراپا سُور آهي. خدارا جنهن ڌرتي ماتا جي سيني منجھان کاڌو اٿوَ ان جو نمڪ ڪجھه ملهايو. ايئن منهنجي سنڌ کي هندستان جيان غيرن جي غلامي ۾ نه ڏيو. مان ڇا ڪريان؟ ڪنهن جي در وڃي دانهن ڏيان؟ منهنجي سنڌ سراپا احتجاج آهي مان چُپ ڪيئن رهان؟ منهنجي سنڌ کي ڌاريا لُٽيندا وڃن ٿا مان ڪيئن خاموش رهان؟ منهنجي ماروئڙن جا حق اڳ ۾ ئي هڙپ ڪيا ويا ويتر انهن جي لاشن جا سودا ٿين ته مان چُپ ڪيئن رهان؟ منهنجي ڌرتيءَ مٿان ڌاريا قابض ٿيندا وڃن مان ڪيئن چُپ رهان؟ منهنجا سنڌي نوجوان روزگار لاءِ ڊگريون هٿ ۾ کڻي در در رُلندا رهن ۽ ڌاريو پئسي تي سندن حق ڦٻايون وڃي ته مان ڪيئن چَپن کي چُپ جو تالو هڻان؟ منهنجا گھر ٻار لُٽجن پيا مان ڪيئن سُڪون جي ننڊ سمهان؟ منهنجا ماروئڙا روز بُکن تي سُمهن مان ڪيئن نه بي قابو ٿيان؟ منهنجي جنم ڀوميءَ جو وجود خطري ۾ مان ڪيئن سِر جو سانگھو ڪيان؟ منهنجا حق ڌاريا هڙپ ڪندا وڃن مان ڪيئن قلم کي خاموش ڪرايان؟ منهنجن جا مارا وڌندا وڃن، هٿيارن جا واپاري منهنجي گھرن مٿان قبضا پيا ڪَن، نشي جا واپار وڌندا وڃن، قلم جي جاءِ تي هٿيار کڻائڻ وارا سَوايا ٿيندا وڃن، منهنجي ڌرتي، منهنجي قوم، منهنجي بقا سڀ خطري ۾، هڪ دفعو نيڪي ڪرڻ جي سزا ملي، ٻيو دفعو ثوابن جي سزا ملي، منهنجي ماروئڙن سان ويساھه گھاتيون وڌنديون وڃن اهڙي حالتن ۾ ڪيئن اک ٻوٽ ۽ ڪَن لاٽار ڪري چُپ ڪري ويهان؟ اگر پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ ڏوھه آهي ته ها ها مان ڏوهي آهيان، جي اگر ايندڙ خطري کان خوف زده ٿي پنهنجن کي پُڪارڻ ڪو ڏوھه آهي ته مان ڏوهي آهيان، اگر پنهنجي چمن جي حفاظت ڪرڻ ڪو گناھه آهي ته ها مان ڏوهي آهيان، اگر پنهنجي دل جو درد بيان ڪرڻ ڪو عيب آهي ته ها مان عيبدار آهيان. ڪو سياڻو مون کي سمجھائي ته آخر مان ڇا ڪريان؟ پنهنجي مَن اندر مَتل ماتم کي ڪيئن ختم ڪريان؟ پنهنجي اندر جي آڙاھه کي ڪيئن وِسايان؟ خدارا! اسان به پنهنجي پياري وطن پاڪستان جو هڪ حصو ۽ عضوو آهيون، ايئن اسان کي ناڪاره سمجھي نه ڪَٽيو. اسان به پنهنجي پاڪ وطن جا جيالا آهيون، ڪي قوم پرست، شدت پسند يا باغي ناهيون بس پنهنجي جيئڻ جي ڳالھه ڪيون ٿا، پنهنجي بقا لاءِ احتجاج ڪيون ٿا. ايئن اسان کي ڌارين هٿان نه ڪُسرايو.aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو