سنڌ سان منافقت جي انتھا، فرحان لاڙڪ

ٻه آڪٽوبر جو ڏينھن سنڌ ڌرتيء تي ھڪ غير آئيني حملو جڏھن وفاقي اداري آئيلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي طرفان صدر جو صحيح ٿيل آرڊينينس منظر عام تي آيو ته سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۾ بي چيني ڏسڻ ۾ آئي ته سنڌ جا ٻيٽ ائين ڪيئن وفاق کڻي سگھي ٿو ۽ اھو به اچانڪ ھڪ ليٽر وسيلي پر اصل ۾ منافقن پنھنجو ڪم پھرين ئي ڪري ڇڏيو ھو سنڌ حڪومت وفاق سان سودو ڪري چڪي ھئي اھا اسان کي خبر ئي ڪون ھئي ۽ جڏھن آرڊيننس سامھون آيو ته آئيني ماھرن ان آرڊينينس کي غير آئيني غير قانوني  ۽ سنڌ جي سرحدن سان زبردستي ڇيڙ ڇاڙ قرار ڏنو ۽ 4 آڪٽوبر تي انجو مختلف سنڌ جي ترقي پسند ڌرين  طرفان سخت رد عمل به ڏنو ويو ھاڻي اتي سوال به پيدا ٿئي ٿو ۽ انجو جواب به اچي چڪو آھي وفاق طرفان. ھتي اسان ڳالهه ڪري رھيا آھيون منافقت جي ته منافقت ڪيئن ٿي، اچو ته ماضيء تي ٿوري نظر وجھون ته ڪيئن پيپلزپارٽي ماضي جيان ھن وقت به منافقت وارو ڪردار ادا ڪندي اچي ٿي ۽ سنڌي ماڻھن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي اچي ٿي ماضي ۾ جڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ انجي حمايت ڪري بنياد رکي سنڌي ماڻھن کي ترقيء جا خواب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي  ته ان وقت عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو اعلان ڪيو ۽ چيائين ته ڪالا باغ ڊيم سنڌ جي تباھي ڪندو سنڌي ماڻھون پاڻيء لاء ترسندا ۽ پوء ھڪ ڊگھي تحريڪ جو آغاز ڪيائين جيڪو سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪري ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ ۾ ھڪ گار بڻائي ڇڏيائين ۽ ان وقت جي پيپلزپارٽي حڪومت سنڌي ماڻھن جو ايترو سخت رد عمل ڏسڻ کانپوء پنھنجي فيصلي تان پوئتي ھٽي. جيٽوڻيڪ پي پي جي حڪومت ۾ 1996 دورن پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر قومي اسمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪندو هو ۽ ٻاهر اچي مملڪتي وزير منظور وساڻ ان جي مخلافت ۾ بيان ڏيندو هو يعني پنجابي به خوش ۽ سنڌي به خوش. وري جڏھن ويجھي ماضي کي ڏسون ٿا ته بحريه ٽائون کي ڀڳڙن جي مٺ جي قيمت ۾ زمين ڪنھن ڏني ۽ اڃان به زبردستي زمين تان سنڌي ماڻھن کي اٿاريو ٿو وڃي، سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي آھي ايم پي ايز ايم اين ايز پيپلزپارٽي جا آھن ملير ۾ ان باوجود سنڌي ماڻھن سان فلسطين جي ماڻھن وارو ورتاء ٿي رھيو آھي ۽  2010 ڏھ واري ٻوڏ ۾ سنڌي ماڻھن کي ٻوڙائي انھن کي ڪراچي ۾ زمين ڏيڻ جو آسرو ڏئي ته اوھان ڌرتي ڌڻي آھيو جتي چاھيو ويھي ۽ رھي سگھو ٿا پوء اوھان سڀنن ڏٺو ته ڪيئن سنڌي ماڻھن کي ڪٽي سٽي ۽ قبضا گير سڏي ڪراچي مان ڌڪي واپس ڪيو ۽ چيو وي ته واپس وڃو ۽ پوء اھي ماڻھون بي يارو مدد گار واپس ويا پر ڪجھ ماڻھون مڙسي ڪري رھي پيا  پيپلزپارٽي انھن جي مالڪي ڪون ڪئي 2012 ۾ ايم ڪيو ايم الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي ۽ جلوس ڪڍيا ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيا ته اھا ئي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ھئي جنھن انھن دھشت گرد تنظيم جي ماڻھن کي جوس پياريا ۽ ٻئي پاسي ڌرتي ڌڻي لياري کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ساڳي دھشت گرد تنظيم جي خلاف ۽ سنڌ جي بقاء ۽ حفاظت لاء اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ۽ ٻين سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي محبت سنڌ ريلي ڪڍي ته انھن جي مٿان فائرنگ ٿي ۽ ان فائرنگ جي نتيجي ۾ چوڏانھن کان پندرنھن ماڻھون شھيد ٿيا جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي بھادر ڀيڻ غزالا بتول صديقي به شھادت ماڻي ۽ اھا ئي پيپلزپارٽي ھئي جنھن چيو ته ريلي ڇو ڪڍي وئي ۽ سخت مخالفت ۾ لھي پيا بجائي ان ريلي کي اون ڪرڻ جي غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي ۽ سنڌ دشمن قوتن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ وري ٻٽو مڪاني نظام رات جي اونڌاھي ۾ بابر اعواڻ ۽ لساني تنظيم ان وقت سنڌ جي گورنر عشرت العباد سان گڏجي سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو ته وري به سنڌ جي ترقي پسند ۽ سڄاڻ ڌرين سخت رد عمل ڏيندي ساڳي پيپلزپارٽي جي حڪومت کي مجبور ڪيو ۽ بل واپس ورتو ويو وري جڏھن ڌارين کي آباد ڪرڻ جي ڳالهه آئي ته ان ئي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھوڙو چيو ته اسين پنج لک بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏينداسين ۽ انھن کي آباد ڪنداسين. ھاڻي تازو مٿي جنھن آرڊيننس جو ذڪر ڪري آيا آھيو انجي ڳالھ ته ھن ئي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاڻ ئي وفاق کي اين او سي ڏني آھي ۽ وري جڏھن سنڌي ماڻھن جو سخت رد عمل آيو ته پنھنجي ڳالھ تان ڦري رھيا آھن ۽ چئي رھيا آھن ته جيئن مودي ڪشمير تي قبضو ڪيو آھي تيئن وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري رھيو آھي منافقت جي به ڪا حد ٿيندي آھي اوھان وفاق سان سنڌ جي زمينن جو سودو ڪري پوء وري پنھنجو پاڻ کي مسڪين ڪري پيش ڪريو ٿا. اين او سي اوھان پاڻ ڏني ۽ وري گرم جوشي به انھن کي ٿا ڏيکاريو ھي ته ھن مثال جيئان ٿيو ته الٽا چور ڪوتوال ڪو ڊانٽي وفاقي حڪومت ته ھونئن ئي سنڌ دشمن بڻيل آھي ۽ انھن سنڌ دشمن قوتن جو ساٿ ڏيئي رھي آھي پر اوھان ته پاڻ کي ھن ڌرتي جا سپوت سڏرايو ٿا ۽ جڏھن اوھان جو ڪو مطلب ٿئي ٿو ته اوھين قومپرست بڻجي وڃو ٿا سو براءِ مھرباني سنڌ حڪومت ڊرامي بازي بند ڪري. پيپلزپارٽي جي تاريخ منافقت سان ڀري پئي آھي صرف انکي سچ جي نگاھ سان حقيقت کي تسليم ڪندي ڏسڻ جي ضرورت آھي سو سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 172/2 جي تحت پنھنجي ٻيٽن جي مالڪي ڪري قانوني طرح سان ۽ سياسي طرح سنڌ جي ٻيٽن کي محفوظ بڻائي اسيمبلي مان بل پاس ڪري اھڙن ڪڌن ڪمن جي رستا روڪ ڪري نه ته ٻئي صورت ۾ سنڌي ماڻھن جي سخت رد عمل ۽ نفرت لاء تيار رھي پيپلزپارٽي جي پنھنجو پاڻ کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ چاھي ٿي ته انھن ڳالھين تي جلد کان جلد عمل ڪري نه ته تاريخ لکجي رھي آھي منافقن  غدارن ۽ سنڌ دوست محب وطن  ماڻھن جي ھاڻي پيپلزپارٽي کي فيصلو ڪرڻو آھي ته ھو سنڌ دشمنن قوتن سان گڏ بيھندي يا سنڌ ڌرتي جي محافظ بڻبي.

پهنجو تبصرو موڪليو