‘سنڌ راڻي جي ڪهاڻي’ مونکي حڪومت نه راڻي گهرجي

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان جي عشق جي لوڪ داستان جي امر ڪردار سنڌ راڻي جي قبر اجڙي وئي، ثقافت کاتي سنڌ راڻي جي قبر جي ڪابه سار نه لڌي. عشق مان اڏيل شهر ٽنڊوباگو  جي باني مير باگو خان ٽالپر جي گهر واري مريم عرف سنڌ راڻي جيڪا 1790ع ڌاري وفات ڪري وئي هئي، کيس سندس وصيت موجب سومرا حڪمرانن جي پهرين تختگاهه ٺري ڀرسان سندس مرشد سخي سلطان شاهه ديوانو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هو. سنڌ راڻي جي وفات 5 رمضان 1204 هجري ۽ عيسوي سن موجب 1790ع ۾ ٿي. مير باگي خان پاران پنهنجي پياري زال جي خاص پٿر سان جوڙايل قبر ۽ ڏياريل چئو ديواري ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي، تاريخي ورثن جي سار سنڀال لهڻ ۽ رکوالي ڪندڙ سنڌ جي ثقافت کاتي هن تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن سوچيو به نه آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي جي فوري طور تي نوٽيس وٺي سنڌ جي لوڪ عشقيه داستان جي امر ڪردار جي قبر جي سار نه لڌي ته ايندڙ برساتن ۾ سنڌ راڻي جي قبر مڪمل ميسارجي وڃڻ جو انديشو آهي. مريم عرف سنڌ راڻي چاڪر خان اڍيجو جي گهر ۾ پيدا ٿي. ڪلهوڙو حڪمران ميان سرفراز ڪلهوڙو مريم اڍيجو جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ٺري ڀرسان چاڪر اڍيجو کان سندس ڌيءَ جو سڱ وٺي مريم کي سنڌ راڻي جو خطاب ڏنو، پر هو سنڌ راڻي جي ننڍي عمر هوندي ساڻس لائون لهي نه سگهيو، ميان سرفراز جي قتل ٿيڻ بعد ڪلهوڙا دور جو آخري حڪمران ميان عبدالنبي ڪلهوڙو به سنڌ راڻي تي عاشق ٿي پيو، جنهن پڻ سنڌ راڻي جي پيءُ کان سڱ جي گهر ڪئي پر چاڪر اڍيجو پاران انڪار ڪرڻ تي ميان عبدالنبي ڪاوڙجي چاڪر اڍيجو جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪرائي چاڪر اڍيجو سميت 110 ڳوٺاڻن کي مارائي سنڌ راڻي ۽ سندس ڀاءُ سائينڏنو اڍيجو کي قيد ڪرائي ڇڏيو.

Photo Sindhyar

جڏهن ٽالپر ڪلهوڙن کان 1783ع ۾ هالاڻي واري جنگ کٽي سنڌ جا حڪمران بڻيا ته سنڌ راڻي سندن حوالي ٿيڻ سبب ڪيترائي ٽالپر حڪمران سنڌ راڻي سان شادي جا اميدوار ٿي پيا، اهڙي صورتحال کي ڏسندي ٽالپر حڪمرانن جي چوياري فيصلو ڪيو ته جيڪو حڪومتي حصي تان هٿ کڻندو اهو سنڌ راڻي سان لائون لهندو. جنهن تي فورن مير باگو خان اعلان ڪيو ته مونکي حڪومت نه پر سنڌ راڻي کپي، سندس اهڙي اعلان تي کيس سنڌ راڻي سان پرڻائي ٽنڊوباگو واري جاگير ڏني وئي، جتي 1786ع ۾ مير باگي خان ٽنڊوباگو نالي سان نئون ڳوٺ اڏي رهائش اختيار ڪئي. مير باگو خان سن 1804ع ڌاري نئون ڪوٽ ڀرسان ٽالپرن جي شڪارگاهه مهراڻو ۾ شڪار ڪري رهيو هو ته کيس ڪاري نانگ ڏنگي وڌو هو. سندس دوست شادي خان خاصخيلي کيس عمر ڪوٽ علاج لاءِ کڻي پئي ويو ته رستي ۾ وفات ڪري ويو هو. جنھن بعد کيس عمر ڪوٽ جي راڻن امانت طور عمر ڪوٽ ۾ دفن ڪري ڇڏيو. وقت جي ويرن مير باگو خان کي باگي فقير مان واگهو فقير بنائي ڇڏيو، جيڪو هن وقت سيد حيدر شاھ عرف واگهو فقير جي نالي سان مشهور آهي ۽ مٿس عمر ڪوٽ ۾ مقبرو اڏيل آهي، جتي عمر ڪوٽ جا ماڻهو باسون باسڻ وڃن ٿا. ٽنڊوباگو جي تاريخدانن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين انور عباسي، عثمان راهوڪڙو، فراق هاليپوٽو، نصرالله جروار، منظور سمون، مقبول هاليپوٽو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه، سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان جي عشق جي لوڪ داستان جي امر ڪردار سنڌ راڻي جي مزار کي قومي ورثي ۾ شامل ڪري سنڌ راڻي جي مزار کي انڊو مينٽ فنڊ مان ٺهرائي اصل حالت ۾ آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو