سنڌ حڪومت پاران رياض چانڊيو سميت 9 اڳواڻن تي پابندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض چانڊيو سوڌو 9 اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.  گهرو کاتي سندن نالا فورٿ شيڊول ۾ جن اڳواڻن جا نالا شامل ڪيا اهن تن ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، غلام نبي ڪيٽي، عزيز الله ڀٽو، اياز علي، اختر حسين، ممتاز علي، عبدالغفار ۽ عابد ميمڻ شامل آهن. گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي ڊي طرفان فورٿ شيڊول ۾ شامل اڳواڻن جي گهرڀاتين جي ملڪيتن جو جائزو ورتو ويندو، رياض چانڊيو سوڌو 9 اڳواڻن جي هٿيارن جا لائسنس رد ڪري ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، پابندي لڳل اڳواڻ پوليس کي لکت ۾ اطلاع ڏيڻ بنا نه چرپر نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي گڏجاڻيون ڪندا، رياض چانڊيو سوڌو جسم جي 9 اڳواڻن جا نالا ٽن سالن تائين فورٿ شيڊول ۾ شامل رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو