سنڌ حڪومت يو اي اي سان 6 ايم او يوز تي صحيحو ڪري ڇڏيون

دبئي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل ترقياتي منصوبن بابت 6 ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون آهن. دبئي ۾ ٿيل ان تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به شرڪت ڪئي. گڏيل عرب امارات جنهن کي سمنڊ جي کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ جو ڪافي تجربو آهي، تنهن کي ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ لاءِ معاهدو ڪيو ويو جنهن تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر اسدا لله خان صحيح ڪئي. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ، ڪچري مان بجلي ٺاهڻ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن انهن تي سنڌ حڪومت پاران صحيحون ڪيون. انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ آهي ته هن منصوبي سان لکين ڪراچي واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ملندي ۽ هي منصوبو وڏي اهميت جوڳو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو