دارالصحت اسپتال سيل ، 5 لک ڏنڊ، وزيراعليٰ غير مطمئن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن نشوا ڪيس کانپوءِ دار الصحت اسپتال سيل ڪري انتظاميا تي پنج لک ڏنڊ وڌو آهي. ڪميشن اسپتال ۾ نواز مريض داخل ڪرڻ تي پابندي هڻندي چيو آهي ته اڳ ۾ موجود مريضن جو علاج جاري رکيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نشوا واقعي جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏيندي هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته اسپتال تي 5 لک رپيا ڏنڊ لڳائڻ ڪافي ناهي. ڪشمنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ 165 نرسن مان 70 غير تربيت يافته آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم پوليس سان گڏجي دارالصحت اسپتال پهتي، جتي قانوني ڪارروائي ڪندي اسپتال کي سيل ڪيو ويو. ان کان اڳ وڏو وزير مراد علي شاهه اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿيل 9 مهينن جي ٻارڙي نشوا جي گهر پهتو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ آءِ جي سنڌ ڪليم امام، صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا به موجود هئا. ٻارڙي نشوا جي والدين سان ملاقات دوران وڏي وزير طرفان اسپتال انتظاميا خلاف ٿيندڙ ڪارروائين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙي جي والدين وڏي وزيرکي سڪايت ڪئي ته اڃا تائين جنهن ڊاڪٽر تي ايف آءِ آر داخل آهي هن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کي خدشا ختم ڪرڻ ۽ سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته دار الصحت اسپتال جي سموري عملي جي آڊٽ ڪرايو. بعد ۾ وڏو وزير ابراهيم حيدري جي زيادتي بعد قتل ڪيل 24 ساله عصمت کاڻيجو جي وارثن سان به افسوس جو اظاهار ڪندي کين انصاف جو يقين ڏياريو. وزير اعليٰ کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر اياز عباسي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو