سنڌ جي 8 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏينداسين، شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات 90 سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ اسين ڪراچي سميت سنڌ جي 8 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏينداسين. اهڙو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو م ڪيو. هن چيو ته 1931 ۾ پي اي ايف بيس تي 298 ملي ميٽر بارش ٿي هئي پر هن سال صرف آگسٽ ۾ (27 آگسٽ تائين) پي اي ايف ۾ 500 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ٿي آهي. هن چيو ته ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ دادو کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ بابت انتظاميه کي چيو اٿم. هن چيو ته موسميات کاتي وارن جي اڳڪٿي به غلط نڪتي پر جيڪڏهن هو درست اڳڪٿي ڪن به ها ته ايڏي وڏي مقدار ۾ ٿيل رڪارڊ بارش کي اسين ڇا پئي ڪري سگهياسين؟. هن چيو ته ڪجهه وفاقي وزيرن، اين ڊي ايم اي ۽ مختلف ادارن سان رابطي ۾ آهيون، اسانجي پهرين ترجيع ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ جاين تي پهچائڻ آهي ۽ اسين ان ڏس ۾ ڪم ڪريون پيا. هن چيو ته جن جا گهر ٻڏل آهن انهن کي اسڪول، ڪاليج ۽ شادي هالن ۾ ترسائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. هن چيو ته ماڻهو پريشان آهن، انهن جا گهر، فصل ۽ مال به تباهه ٿيو آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته سندن نقصان جو ازالو ڪريون. هن چيو ته جيڪي ماڻهو جتي محفوظ آهن هو اُتي رهن اڄ جمعي تي عام موڪل آهي، ماڻهو غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

پهنجو تبصرو موڪليو