سنڌ جي 37 اسپتالن کي سولر تي منتقل ڪريون پيا، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ سول اسپتال ڪراچي ۾ سولرائيزيشن منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جو ڊائريڪٽر انفراسٽرڪچر گوانگزي چن، اوليور نائٽ، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر مدني، سول اسپتال ڪراچي جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ نور محمد سومرو ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ عالمي معاهدن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت متبادل، شفاف ۽ قابل تجديد توانائي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ تحت سنڌ جي 37 اسپتالن کي تيزيءَ سان سولر تي منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سول اسپتال ڪراچي ۽ ڪراچي جون 7 ٻيون سرڪاري اسپتالون شامل آهن. هن چيو ته سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ تحت ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ گهرن کي سولر پاور تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.جنهن سان ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب عوام کي نھ صرف بجلي ملي سگھندي جنهن سان عوام کي رليف پڻ ملندو. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ سولر انرجي پروجيڪٽ جي سول اسپتال منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ جي آفيسرن جي تعاون ۽ سنڌ جي توانائي کاتي جي سولر انرجي پروجيڪٽ جي آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته سول اسپتال جو سولرائزيشن منصوبو 9 لک آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان ورلڊ بينڪ جي تعاون سان تعمير ڪيو ويو. جيڪو سول اسپتال ڪراچي جي بجلي جي ضرورت جو ٽيون حصو پورو ڪري سگهندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سول اسپتال ڪراچي جي سولرائيزيشن منصوبي سان ساليانو 1851 ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي پيدا ٿيڻ کان روڪي سگھبو.

پهنجو تبصرو موڪليو