برسات سبب 20 ضلعن ۾ 23 لک ماڻهو متاثر۽ 136 فوت ٿيا، شاهه

سکر (جئيرام داس )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ميڊيا صرف ڪراچي تي فوڪس ڪيو، ٻين ضلعن کي ڪوريج نه ملي سگهي آهي، سنڌ جي 20 ضلعن ۾ 23 لک ماڻهو متاثر ۽ 136 ماڻهو فوت ٿيا آهن. اهڙو اظهار هن سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حفاظتي بندن جو جائزو وٺڻ لاءِ سومر تي سکر پهتو. هن سکر بئراج ۽ ٻين علائقن جو دورو پڻ ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي،

Official document

وڏي وزير کي بريفنگ ۾ چيو ويو ته بندن جا ڪمزور هنڌ مضبوط ڪيا پيا وڃن، سکر ۾ فلڊ ڪنٽرول سينٽر جوڙيو ويو آهي، الرا جاگير پاڻي جو دٻاءُ گهڻو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن کي سڪيورٽي ڏني وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي، گڊو بئراج اپ اسٽريم تي 500523 ڪيوسڪ پاڻي آهي، گڊو بئراج ڊائون اسٽريم وٽ 477005 ڪيوسڪ آهي، وڏي وزير چيو ته ميڊيا صرف ڪراچي تي فوڪس ڪيو، ٻين ضلعن کي ڪوريج نه ملي، برساتن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ نقصان ٿيو آھي، ٻوڏ کان اڳ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن.

Photo Sindhyar

هن ٻڌايو ته سڃي سنڌ ۾ ٿيل نقصان کان وزيراعظم کي آگاھه ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا شڪر گذار آهيون ۽ اميد ته هو سنڌ جي ٻوڏ متاڙن لاءِ 5، 5 لک معاوضي جو اعلان ڪري. هن ٻڌايو ته برسات جي ڪري 23 لک ماڻھو 20ضلعن ۾ متاثر ٿيا آھن، مان ھر طرف وڃي رھيو آھيان پر اينڪر ٻوڏ وارن علائقن ڏانھن نه ٿا وڃن، هن چيو ته سنڌودرياهه جي بندن مان ڪمزور پوائينٽ الرا جاگير بند ھو جنھن کي مضبوط ڪيو ويو آھي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جي والدهه جي جنازي ۾ به شريڪ ٿيو ۽ سيد خورشيد شجي عيادت به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو