’سنڌ جي ڪڻڪ کائيندڙ ڪوئن کان 20 ارب وصول ڪيا‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 ارب رپين جي ڪڻڪ غائب ڪئي وئي، پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ويو ته ڪوئا کائي ويا. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته نيب مسئلا نه پر مسئلن جو حل آهي، نيب انهن طاقتور ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن جن ڏانهن ڪو اک کڻي ڏسندو به نه هو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وصولي گذريل 4 سالن دوران ٿي، 541 ارب رپين جي وصولي ۾ نيب جي سمورن آفيسرن کي ڪريڊٽ وڃي ٿو. هر قسم جي تصديق کانپوءِ 14 ارب رپيا مستحقن ۾ ورهايا ويا آهن، هن چيو ته سکر ۾ 20 ارب رپين جي ڪڻڪ جا ذخيرا غائب ڪيا ويا، جڏهن ڪڻڪ بابت پڇا ڪئي وئي ته چيو ويو ته ڪوئاکائي ويا، پوءِ انهن ڪوئن کي پڪڙي 20 ارب رپيا وصول ڪيا ويا. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي 14 ارب رپيا ادا ڪيا ته اها رقم نيب جي ٽجوڙي ۾ نه آيا، 14 ارب رپين جي رقم تصديق کانپوءِ ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي، جن جي رقم هئي اها رقم حڪومت وٽ نه اچڻي هئي. هن رقم تي متاثرن جو حق هو، نيب نه هجي ها ته انهن غريبن کي اها رقم نه ملي سگهي ها. هن چيو ته ڪجهه سوسائٽين جي ڪارڪردگي ايتري خراب هئي جو انهن ماڻهن کي ٽڪي ٽڪي لاءِ محتاج ڪيو، انهن سوسائٽين کي چيڪ ڪرڻ جو ڪو به نظام نه هو، انهن سوسائٽين عوام جي تباهي ڪئي. هن چيو ته هڪ سوسائٽي جي بروشر کي غور سان ڏٺو ته ڪئناڊا جي نياگرا فال جي تصوير هئي، ماڻهن کي سوچي سمجهي سيڙپڪاري ڪرن گهرجي. هن چيو ته ريڪوريز جي معاملي م ڪجهه ماڻهن نيب خلاف طوفان کڙو ڪيو، اوهان تنقيد ڀلي ڪريو پر تعميري تنقيد هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو