سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي ۽ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام خلاف ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ ڀرپور احتجاج ڪندي ڀرپور مزاحمت جو اعلان  ڪري ڇڏيو. ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ٿيل آرڊيننس خلاف مارچ ڪيو ويو، ريگل چوڪ کان نڪتل قافلي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي.

Photo Twitter

سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي نيلامي، ڪراچي ڪميٽي، زمينن تي قبضن، پاڻيءَ تي ڌاڙن، ڌارين جي آبادڪاري، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ريگل چو ڪ کان ڪراچي پريس ڪب تائين ھزارين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاج ريلي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي سينئر صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، لال جروار، عبدالله ٻپڙ، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عارف جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عمرا سمون، پرويز ميمڻ، مٺا خان لاشاري، امتياز جتوئي، رستم ميراڻي، گل حسن ڪيڙانو، مسعود انور پليجو، راحيل ڀٽو، هرچند لال، مهراڻ سنڌي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور محمد ٽالپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪائنات ڏاهري، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي محمد وڪو ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، ٻيٽن جي نيلامي، زمينن تي قبضن، ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته سنڌ ۽ ملڪ دشمن قوتون سنڌ جي ورهاڱي ۽ ڪراچي صوبي جا مطالبا ڪري رهيون آهن. انهن کي اجازت مليل آهي ته هو ملڪ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف ريليون ڪڍن. انهن خلاف ملڪ سان غداري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ بدران وفاقي ۽ سنڌ سرڪار انهن قوتن جا سهولتڪار بڻيل آهن. هن چيو ته ڪراچي ڪميٽي سراسر غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ان سنڌ دشمن عمل ۾ سنڌ سرڪار برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار آئي لينڊ اٿارٽي جو صدارتي آرڊيننس آڻي سنڌ ۾ نئي اسرائيل ٺاهڻ جو بنياد رکيو آهي. آئي لينڊ اٿارٽي جي فيصلن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو ان جو واضح مطلب آهي ته رياست اندر هڪ ٻي رياست قائم ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام اهڙن ملڪ ۽ سنڌ دشمن فيصلن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ ھزارين سان کان پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ وطن رھيو آھي. قديم زماني ۾ به سنڌ جو الڳ وجود ھو ۽ قديم دور جي تاريخ ۾ ھند ۽ سنڌ جو ذڪر آيل آھي. تاريخ ۾ ڪهڙا به قهري دور آيا ھجن، پر سنڌ پنهنجي وجود جي تشخص کان ڪڏھن به غافل نه رھي آھي. سنڌ تي مختلف دورن ۾حملي آورن جي ڪاھن ۽ قبضن جي دورن ۾ به سنڌ هميشه پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ويڙهه جاري رکي آھي. سنڌ جي وجود کي جڏھن انگريزن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي ڌيئرن ۽ پٽن شاندار جدوجهد ڪري انگريزن کي شڪست ڏيئي 1936 ۾ سنڌ جي اسيمبلي جو وجود وجهرايو. پاڪستان جي جدوجهد کي پراثر ۽ طاقتور ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي لاءِ پهرين قرارداد پاس ڪئي. سنڌ جو پاڪستان ۾ ڪردار تمام بنيادي آھي. جيڪڏھن سنڌ پاڪستان ۾ شامل نه ٿيئي ھا ته پاڪستان وجود ۾ نه اچي آھي. سنڌ محمد علي جناح جي صورت ۾ پاڪستان کي اھڙو اڳواڻ ڏنو جنهن جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ جو عوام ان ڳالهه کان چڱي طرح واقف آھي ته پاڪستان جي باني محمد علي جناح کي ڪيئن پيٽرول جي خالي ٽانڪي سان کٽارا ايمبولنس ڏيئي قتل ڪيو ويو ۽ پاڪستان جوڙڻ کان پوءِ سنڌ جي شهرن، ملڪيتن، زمينن تي ڪيئن قبضو ڪيو ويو، ڪيئن سنڌ جي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو.

Photo AT

ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ محمد علي جناح جي بيماري جو فائدو وٺي، پاڪستان تي آمريڪا نواز قوتن ۽ گروھن جو قبضو ڪرايو ويو. اھي پاڪستان تي قابض ڌريون، تاريخ جي علم کان اڻ واقف آھن. جن ڪڏھن به پنهنجي تلخ تجربن مان نه پرايو آھي. جيڪي هميشه عالمي طاقتن جي اشارن تي عمل ڪندڙ آھن. اھي پنهنجي گروھي مفادن جو بچاءُ پاڪستان ۾ موجود قومن جي وجود جون انڪاري آھن. جيڪي  پاڪستان ۾ موجود قومن جي ثقافت ۽  ورثي کي پنهنجي راهه  ۾ رڪاوٽ سمجهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ موجود قومن جي ثقافت، ورثي، وسيلن، مال ملڪيتن کي بچائڻ ۽ وڌائڻ جي ذريعي سان ئي ملڪ کي طاقتور ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته پاڪستان تي گذريل ستر سالن کان قابض گروهه مسلسل قومن جي وجود کي ميسارڻ جي سازش ۾ رڌل آھي. سنڌ ڇاڪاڻ ھزارين سالن کان ھڪ آزاد وطن رھي آھي، ان ڪري سنڌ ۾ قومي شعور ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي ، سنڌي قوم ان قابض گروھن جي سازشن کي سمجهي ٿي ۽ ان جو مقابلو ڪري ٿي ان ڪري اھي قابض ٽولا  سنڌ جي ورھاڱي ۾ پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا. جيڪي ڪراچي ڪميٽي جي نالي ۾ سنڌ جي ورھاڱي جي ناپاڪ سازش جو پٿر رکڻ چاھين ٿيون. سنڌ جو عوام انهن کي خبردار ڪرڻ چاھي ٿو ته سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ ۽  پاڪستان جي بقا سان کيڏڻ بند ڪريو. سنڌ جي ورھاست پاڪستان جي سالميت سان کيڏڻ برابر آھي. سنڌ جو عوام ڪراچي ڪميٽي جي جوڙجڪ ۾ پ پ پ جي سنڌ حڪومت کي بنيادي ذميوار سمجهي ٿو. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو چيو ته  سنڌ جون زمينون ھزار سالن کان سنڌي عوام جون ملڪيت رھيون آھي. اھي ايندڙ  ھزارين نسلن جو امانتون آھن. سنڌ حڪومت کي ڪو به اخلاقي، تاريخي، سياسي ۽ قانوني ڪو به اختيار نه آھي ته لکين ايڪڙ زمين جا سودا ڪري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون بابت سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي رکيل موقف مان ثابت ٿي چڪو آھي ته سنڌ جي سون جهڙ ي زمين کي ڪيئن ڀڳڙن مٺ نيلام ڪيو آھي. سنڌ جو عوام پ پ پ جي سنڌ دشمن ڪردار کي چڱي طرح واقف آھي. پ پ پ سنڌ جي ٻيٽن، ساحلي پٽي، سنڌ جي جبلن، سنڌ جي ڪچي، سنڌ جي شهرن جو سودو ڪري اقتدار ۾ رھڻ چاھي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي زمينن جو نيلام يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن به نه ڪيو. پر سنڌ تي حڪومت ڪندڙ وڏيرا شاھي جي نمائندگي ڪندڙ پ پ پ گذريل ٻارنهن سالن ۾ سنڌ کي نيلام ڪري ڇڏيو آھي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ سنڌ جي غريب ھارين کي ھڪ ايڪڙ به زمين ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آھي، سنڌ جي شهرن ۾ حد دخلين جي نالي ۾ ھزارين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آھي ٻي طرف هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي ڏني ويئي آهي.

Photo AT

افغانين، بهارين، برمين، بنگالين، هندستانين ۽ ٻين لکين غير قانوني رهندڙ ڌارين کي سنڌ مٿان قابض ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا اعلان ڪيا آهن. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري خطاب ڪندي چيو ته ھاڻوڪين برساتن ۽ قاتل ايل بي او ڊي جي ھٿراڌو ٻوڏ ذريعي لکين ماڻهن کي ٻوڙايو ويو آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ٽوپي ڊارمي جي ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. اڄ به ھزارين ماڻهو روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آھن. جن جا ھڪ طرف گهر گهاٽ، زمينون مال وٿاڻ سڀ پاڻي ٻوڙي ڇڏيا آھن ۽ انهن جي نه وفاقي حڪومت نه سنڌ ئي حڪومت ڪا به واھر نه ڪئي آھي. هن مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت انهن ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري ۽ قاتل  ايل بي او ڊي جي مسئلي جو مستقل حل ڪڍي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي جيجل ماءُ آهي، جيستائين هڪ به سنڌ جي نياڻي زنده آهي تيستائين سنڌ ورهائڻ جي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پرامن جدوجھد ذريعي سنڌ دشمن قوتن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور محمد ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته بي روزگاري ۽ بک سبب سنڌ جا مزدور خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌي مزدورن کي ڪراچي جي نجي ڪارخانن ۾ روزگار نٿو ڏنو وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، پر ان جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلائن تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهيل آهي. سنڌ جي ماڻهن سان حڪمران ريڊ انڊين وارو سلوڪ بند ڪن. سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو