سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف سانا جو احتجاج

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا يعني ‘سانا’ طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ صدارتي آرڊيننس جي مذمت ڪندي ان کي رد ڪيو ويو. مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن خالد هاشماڻي، سھيل انصاري، اقبال ترين، مشتاق راڄپر ۽ پاڪستان پروگريسو الائنس جي صدر ڊاڪٽر غزالا قاضي چيو ته صدارتي آرڊيننس پاڪستان ۾ جمھوري نظام ۽ ملڪ جي آئين جي نفي ڪري ٿو. ھنن چيو ته پاڪستان جي آئين وفاقي حڪومت کي صوبن جي حقن ۽ حدن ۾ مداخلت جي اجزات نٿو ڏئي. ھنن چيو ته ٻيٽ آئين جي آرٽيڪل 172 ھيٺ صوبائي سرحد جو حصو آھن ۽ آرڊيننس ذريعي صوبي جي جاگرافيائي سرحدن ۾ تبديليون نه ٿيون ڪري سگھجن. سانا طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ ٻيٽن خلاف قرارداد پاس ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪندي سنڌ حڪومت مٿان زورڀريو ويو ته ھو ان مسئلي تي سرگرم اڳڀرائي سان سنڌ جو ڪيس وڙھي.

Photo Twitter

ھنن چيو ته اھا ڳالھه تمام گھڻي افسوس جوڳي آھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل بدران ھڪ جونيئر آفيسر موڪليو، اھڙي قسم جي لاپرواھي سنڌ جا ماڻھو برداشت نه ڪندا. سانا جي احتجاج ۾ ترقي پسند پنجابي، بلوچ ۽ پختون اڳواڻن به شرڪت ڪئي. سانا طرفان ھلندڙ احتجاجي تحريڪ جو اھو ٻيو مظاھرو ھو. گذريل ھفتي ڪئناڊا جي شھر ٽورنٽو ۾ احتجاج ڪيو ويو هو. اڳواڻن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي ٿيل قبضي خلاف ھيوسٽن، لاس اينجلس، شڪاگو ۽ البرٽا ۾ به مرحليورا احتجاج ڪياويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو