سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف آواز کي دٻائي نٿو سگهجي

سڪرنڊ (رپورٽ :راج ڪماراوڏ )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن نثار ڪيريو ، ٻڍل مگسي ، رفيق ملاح  ۽ ٻين جي رياستي ادران هٿان کنڀيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي STP ناري تحريڪ جي اڳواڻ انيلا رفيق ملاح  ڪري رهي هئي . جڏھن ته مُعز جمالي ، رضوان کوسو ، جسقم جو مسعود شاه ، سنڌ ڪلچرل فورم جو سارنگ ملاح ، سماجي اڳواڻ مجيد عباسي ، ايس يو پي جا شهمير ملاح ۽ قلندر بخش ملاح ، قومي عوامي تحريڪ جو يوسف ميتلو پڻ احتجاجي مظاهري ۾ يڪجهتي طور شريڪ هئا . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ سبب گرفتار ڪري رياستي ادارا سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف هلندڙ جدوجهد کي هيسائڻ چاهين ٿا پر STP گرفتارين ۽ قانوني ادارن پاران ڪيل ڏاڍ کان ڊڄي خاموش ٿي نه ويهندي . هنن چيو ته سنڌ جي حقن خاطر جدوجهد جاري رهندي . هنن اعلٰى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو . احتجاجي مظاهري ۾ عالم ڪيريو ، فدا زئنور ، علي گل بنگلاڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو