سنڌ جي موسيقي ۽ ثقافت جي سڃاڻپ امر راڳي جلال چانڊيو!

ليکڪ جاويد احمد چانڊيو

سنڌ سونھاري کي اھواعزازھردوررھيوآھي،سنڌ ۾تاريخ سازشخصيتن عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آھي،جنھن ۾ اولياءُ، پير، فقير ،درويش، صوفي، عالم حافظ،دانشوراديب ،سخي سٻاجھڙا،وطن عوام دوست، شاعر،ليکڪ،نالي وارا فنڪار،راڳي پيداڪيا، جنھن پنھنجي عظيم ڪردارن سان سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ نالوروشن ڪيو،تاريخ جي سونھري ورڪن ۾ ھميشھ لاءِ امر ٿي ويا، جيڪي اسان لاءِ وڏواعزاز فخرآھن،سنڌ جا ميلا قديم وقت کان لڳي رھيا آھن،ميلا ملاکڙا،ادبي سنگت ،ثقافتي ڏھاڙا،مچ ڪچھريون،سگھڙمحفلون،مشاعرا،راڳ جون محفلون سنڌ جي تاريخ ۽ثقافت جو حصو آھن،راڳ جون محفلون عوام کي بي حد پسند ھونديون آھن،راڳ جي دنيا جوعظيم نالويڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاھ عوامي راڳي جلال چانڊيو ڪنھن بھ تعارف جو محتاج نھ آھي،سنڌ جي تاريخي ضلعي نوشھرو فيروزجي تعلقي موري جي قديم ڳوٺ ھڙپال جوھٽ (جلال جي ماڙي)جيڪو ڦل شھر جي ڀرسان آھي،ھن وقت مستقبل رھائش ڦل شھرجي غريب آباد ڪالوني ۾ آھي،حاجي فيض محمد چانڊيو جي گھر ۾1948ع ۾ جنم ورتو،شروعاتي دورجوخاڪو ھن ريت آھي،غريب پورھيت گھراڻي سان تعلق رکندڙجلال چانڊيومحنت مزدوري،پورھيو،ھارپو،گھرجي چوپايومال پالڻ جي نگراني ۾ مصروف گذاريو،والد حاجي فيض محمد چانڊيوجلال چانڊيو کي موري ۽ نوان جتوئي ۾ درزڪي ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو،ڪنھن جي وھم گمان تصور ۾ بھ نھ ھو تھ سنڌ جوعوامي محبوب راڳي فنڪارجلال چانڊيوعشق جي چوٽ لڳڻ کان پوءِ ايڏي وڏي منزل تي پھچندو،جلال چانڊيو کي عشق جي چوٽ ڪنھن رنگ ۾ رنگي ڇڏيوھو،ھن جي دل ۾ پيارمحبت جيڪالامحدودھئي،ھن سچي السي عاشق جوعشق ۾ ايتروعروج گھرائي سمنڊ جي مثال ھئي، جنھن جوڪوڪنارو نھ ھو،عوامي راڳي جلال چانڊيو کي عشق جي زخم چڪناچوربڻائي ڇڏيو ھو،دنيا جي ڪم ڪارن سان پري ٿي ويو، راڳ جي طرف مائل ٿي ويو،ھن جو آوازسريلوھجڻ ڪري ماڻھون پسند ڪرڻ لڳا،عشق جي ڌڪ جلال چانڊيو کي راڳي ٿيڻ تي مجبور ڪري چڏيوھو،مجبورعاشق پنھنجي والد کان راڳي ٿيڻ جي اجازت ورتي،والد جي راضپي کان پوءِ ھوراڳ جي تربيت لاءِ مير پورماٿيلوپھچي استاد فقيرعلي گل مھرکان مڪمل راڳ جي سکيا ورتي،استاد ھن کي ڪاميابي جو سڳوٻڌو،راڳ جو پھريون دور پيرن اوليان، صوفين جي درگاھن جي اڳڻ اڳيان راڳ جون محفلون ٿينديون ھيون،عوامي راڳي جلال چانڊيو جي مقبوليت زور وٺڻ لڳي،ٿوري عرصي ۾ ريڊيو،ٽي وي، ٽيپ رڪارٽ،ڪيسٽ جي دنيا ۾ تمام گھڻو مقبول بڻجي ويو، ڪيسٽ ڪمپنين جلال چانڊيو جي راڳ مان وڏو بزنس ٿي ڪيو، ڪيسٽ ڪمپنيون جلال چانڊيو جي راڳ ڪري خوب ٿي ڪمايو، پوري ملڪ ۾ جلال چانڊيو جي راڳ جو عام رواج ٿي ويوھو،ھرشھرڳوٺن جھر جنگ ۾ جلال چانڊيو جا ڪلام وڏي شوق چاھت سان ٻڌا وينداھئا،عوامي راڳي فنڪار جلال چانڊيو جي راڳ ۾ وڌندڙمقبوليت ملڪ جي نالي وارن فنڪارن ميڊم نورجھان،محدي حسن، مني بگم، ريشما،عنايت حسين ڀٽي،عطااللہ عيسيٰ خيلوي،سميت ڪيترن فنڪارن جي مقبوليت جو گراف پوئتي ڪري ڇڏيو،ڦل شھر۾ روزانو مھمانن جا ميلا متل ھوندا ھئا،وڏي تعداد ۾ ولايت کان آيل مھمان جو مرڪزجلال چانڊيو جي اوطاق ھئي،کاڌ خوراڪ رھائش جوانتظام يادگاررھندڙھو،جلال چانڊيوراڳ جو ھڪ ادارو ھو،سوين راڳي شاگردن جي تربيت پڻ جلال چانڊيوڪئي،عوامي راڳي جلال چانڊيو ھزارين ڪلام ياد ڳايا، سنڌي، سرائڪي، بلوچي،بروھي، اردو،۽ٻين ٻولين ۾ ڪلام پڻ ڳايا،ھر ڳايل ڪلام عوام ۾ بي حد مقبول ھئا، سنڌ جي ثقافت مھمانوازي،سخاوت،راڳ جي ڪلچرکي عام ڪيو،عوامي راڳي جلال چانڊيودنيا جي ڪيترن ملڪن سعودي عرب،قطر، دبي، شارجا، روس، جپان ڀارت،آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾شاندارفن جو مظاھروڪري پاڪستان جونالو روشن ڪيو،سنڌ جي اڪثرميلن ۾ عوامي راڳي جلال چانڊيو راڳ عام ٿيندوھو،جلال چانڊيوعوامي فنڪار ھجڻ سان گڏ سماجي شخصيت رحم دل واروانسان ھو،غريبن جي مدد ڪرڻ وارو انسان،راڄ برادرين ۾ رنجشيون ناراضگيون ختم ڪري صلح امن اتحاد ڀائيچاري جي فضا رکڻ ۾ وڏو ڪردارادا ڪندوھو،غريب نياڻين جوڏاج شادي جو خرچ برداشت ٿي ڪيو، غريب فنڪارن جي لاءِ مالي مدد ڪرڻ ۾ ھن جا بيشمارڪارناما آھن،غريبن جي خواھشن جو خيال رکندي غريبن جي خوشين ۾ بنا فيس راڳ ڪيا،عوامي فنڪار جلال چانڊيونالي واري شاعرن جي شاعري ڳائي انھن ۾ شاعرن جو سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست،بابا بلي شاھ، استاد بخاري،فقير جانڻ چن،علي گل سانگي، راشد مورائي، غلام فريدڻ،سرور نوازٻگھيو،غلام حيد گجو،علي انور قنبراڻي،علي حسن ٻٻر،۽ٻيا شامل آھن،عوامي راڳي جلال چانڊيو کي زندگي ۾ بي شمارسرڪاري توڙي نجي ايوارڊن سان نوازيو ويو، ھن جواصل وڏو ايوارڊ عوامي پيارمحبت چاھت سڀ کان وڏو ايوارڊھو،جلال چانڊيو کي پنھنجي پياري شاگرد فنڪار گل شيرتيوڻي جي حادثاتي موت جو وڏو صدمو پڻ رسيوھو،ان تي ھن ھڪ ياد گارڪلام ڳايو،موت کي شل موت پوي جاني ٿيو جدا ھاڻي يار گل شيرموٽي آ،عوامي راڳي جلال چانڊيو جا مشھوريادگارڪلام،ڪليڊرروڪ تون بس کي اٿم محبوب سان ملڻو، وڌي وئي دل جي بيماري ڏسي رھجي تھ ڇاٿو ٿئي،ڀلي يارآئي تنھنجون لک ڀلايو،پرديس ھليووئين پياراتولاويس ڪيا مون ڪارا،نيھن لاتم دل فرايم ڪيا ڪمايم،مئي کان پوءِ اڳڻ ايندي تھ ڇاٿيندو،مولا ڪندوميلو ٿيندوايندا ڏينھن پيارجا،کلڻ تي ڪو بھ خوش ناھي روئڻ تي آھي پابندي،منھنجودارو دواتنھنجوديدارآ، ڏيکارڻ طبيبن کي بيڪارآ،منھنجاسڄڻ ايندي ڪڏھن مون کان پڇڻ جي واسطي، توکي ساري ساري نيٺ ويو گذاري،تو ڏاڍي ديرڪئي،سنڌي فلمن جي ڊاريڪٽرھدايتڪارشاھ اسد عوامي فنڪار جلال چانڊيو تي فلم ٺاھي، فلم جو نالو جلال چانڊيورکيو ويو ان فلم تمام گھڻو بزنس ڪيو، عوام جي فرمائشن تي فلم سينيمائن تي مھينا ھلڻ لڳي،عوامي لوڪ فنڪار جلال چانڊيوعاشقن جي دردن جو آواز۽سفيرھو،رٺل محبوب کي پرچائڻ لاءِ ناز نخرا برداشت ڪيا،دنيا جا ظلم ستم راڳ وسيلي ظاھر ڪيا،عوامي فنڪار جلال چانڊيو ڪنھن ميلي توڙي محفلن ۾ ايندو ھو تھ چارچنڊ لڳي ويندا ھئا،ھن جا لکين چاھيندڙپرستارپھچي ويندا ھئا،سڄي رات راڳ جون محفلون بنا وقفي جي جاري رھنديون ھيون،ڏوڪڙن جي برسات ھن جو نصيب رھيون،يارن جو يارھردل عزيزعوامي لوڪ فنڪار جلال چانڊيوجي راڳ ٻڌڻ لاءِ عوام بي چين رھندوھو،اجرڪ سنڌي ٽوپ چپڙي وارو اندازمنفرد ھو،بڇڙي بيماري عوامي لوڪ فنڪار جلال چانڊيو تي حملوڪري ڏنو،گردن جي بيماري جي سبب ھن جي صحت خراب ٿيندي رھي،ڊاڪٽرن راڳ جي بندش صلاح ڏني،اندر۾ عشق جا آڙاھ ھجن تھ راڳ ڪٿي بند ٿيندو،سخت بيماري موت واري حالت ۾ بھ جلال چانڊيو پنھنجي محبوب کي خوب ٿي ياد ڪيو،10جنوري2001تي لکين دلين تي راڄ ڪندڙعوامي محبوب لوڪ فنڪار جلال چانڊيوھن فاني دنيا کان لاڏاڻوڪري ويو،عوامي فنڪار جلال چانڊيو جي موت جي خبر جھرجنگ ۾ تيزي سان پکڙجي وئي،چاھيندڙاوڇڪاروڏيئي روئڻ لڳا،ملڪي غيرملڪي ميڊيا جلال چانڊيو جي موت خبر کي ڀرپورڪوريج ڏني،عالمي نشرياتي اداري بي بي سي پنھنجو ڊگھوحوالو ڏيندين چيو تھ عوامي فنڪار جلال چانڊيو سنڌ جومائيڪل جيڪسن ھو، لکين چاھيندڙھن جي موت تي گھڻا ڏکويل غمگين نظر اچي رھيا آھن،ھن ھزارين يادگارڪلامن جو ذخيروڇڏيوآھي،جيڪوھن جي لکين چاھيندڙن لاءِ وڏو تحفو آھن،ھرسال معمول مطابق ڦل شھر۾ مرحوم عوامي لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جي ورسي سندس مزاراڳيان ملھائي ويندي آھي،لکين جلال چانڊيو جا چاھيندڙاچي گڏ ٿيندا آھن ھن جي فني خدمتن ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي، راڳ جي محفل ۾ نالي وارا فنڪارشريڪ ٿيندا آھن،ھن وقت عوامي راڳي جلال چانڊيو جي خاندان ۾ راڳي فرزند قلندربخش جلال چانڊيو،دلبر جلال چانڊيو، پوٽو،شھزاد عرف جونيئرجلال چانڊيو،عوام جا مقبول اڀرندڙفنڪارآھن،جيڪي عوامي راڳي جلال چانڊيوجون يادون زندھ ڪري رھيا آھن،لکين چاھيندڙن کان جلال چانڊيووڇڙيوآھي، پروسريو ناھي، جلال چانڊيو جا ڪلام ھن دور ۾ لکين چاھيندڙوڏي شوق سان ٻڌندا آھن،   

پهنجو تبصرو موڪليو