سنڌ جي ملڪيت بنگالين کي ته پوءِ هندن جي ملڪيت سنڌين کي ڏيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي ڪابينا پاران 1971ع ۾ پاڪستان ڇڏيندڙ بنگالين جي ملڪيتن بابت فروغ نسيم جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪميٽي کي فراڊ قرار ڏيندي سخت رد عمل جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ جيڪڏھن بنگالي ٻولي جي بنيادن تي بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ٿا ڏيو ته پوء پاڪستان مان جيڪي اسان جا ھندو ڀائر لڏ پلاڻ ڪري ٻين ملڪن ۾ ويا ته انھن جون ڇڏيل ملڪيتون سڀ سنڌين کي واپس ڏيو۔ اھي سنڌي مسلمانن کي ڏيو۔ اياز لطيف پليجي چيو ته اوھان چئو ٿا ٻولي جي بنياد تي بنگالين کي ملڪيتون بنگالين کي ڏينداسين ته ان ۾ مذھب ته ڪونه پيا وجھو ۽ چئو پيا خالص زبان، قوم ۽ ملڪ جي بنياد تي پيا ڏيو ته پوء جيڪي سنڌ جون ملڪيتون جيڪي اوھان ڪوڙن ڪليمن تي لياقت علي خان جي دور کان وٺي قبضي ۾ آنديون ۽ کسيون آھن، اھي سموريون ملڪيتون واپس ڪيو. فروغ نسيم واري ڪميٽي فيصلو ڪري ته اھي ملڪيتون منجمند ٿا ڪيون جيڪي ڪوڙن ڪليمن تي ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن کي ڏنيون ويون آهن، اھي واپس سنڌين کي ڏنيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته فروغ نسيم جنھن ٽولي جو ترجمان ٿي وفاقي حڪومت ۾ شامل آهي، ان ٽولي جي بنيادي ايجنڊا ئي اھا آھي ته سنڌ تي حملي آور ڪيئن ٿجي۔ ان ٽولي کي سنڌ ۾ افغانين جي اچڻ جي نه پريشاني ھوندي، نه برمنين جي ھوندي، نه بھارين جي ھوندي. ايم ڪيو ايم، فروغ نسيم ۽ ان جي ٽولي جي نشاني تي سنڌ ۽ سنڌي آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو