سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشميرين جي حق ۾ جلوس،ڀارت مرده باد

سکر (امداد ڪلوڙ) سنڌ جي مختلف شهرن جيان تئين ڏينهن به وڪيلن، واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي توڙي مذهبي ڌرين پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار طور ريليون ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، واپاري برادري پاران گرين مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر زبير قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري شبير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ حاجي اقبال، لڇمڻ داس، سري چند، رمضان عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هوڏانهن جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني گروپ پاران حامد محمود فيضي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڀارت دهشتگردي جو مظاهرو ڪري ڪشمير مٿان پنهنجي ڏاڍ جي زور تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي،

هنن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو مضبوط حصو آهي، جيڪو ڪڏهن به ٽٽي نٿو سگهي، مخالفن جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو. هنن چيو ته اسين پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا. خيرپور، ڪنڌ ڪوٽ، دادو، نوابشاهه، نوشهرو فيروز، ٺٽو، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين جلوس ڪڍي ڀارت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو