سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن سبب 4 فوت 9 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ذاتي دشمني، روڊ حادثن، ۽ خودڪشي جي واقعن ۾ 4 ڄڻا قتل ۽ 9 زخمي ٿي پيا. نوشهروفيروز مان مشتاق مري موجب هفتي کان گم سنڌ ڪالوني جي رهواسي غلام شبير چنا جو تشدد ٿيل لاش ٺاروشاهه ڀرسان سهڙا مائنر مان مليو آهي. ڳوٺاڻن لاش کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ لاش درٻيلو اسپتال پهچايو. پوليس لاش جي ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ڪيل نوجوان ڪنڊيارو جي پيزا ريسٽورينٽ تي ڪم ڪندو هو ۽ هو گذريل 6 ڏينهن کان لاپتا هيو سندس ڳولا ڪندي ڪندي مائٽ پريشان هيا پر هو هٿ اچي نه سگهيو هو.

صحافين سان ڳالهائيندي سندس ڀاءُ رحمت الله چنا ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي خبر ناهي ته منهنجي ڀاءُ کي ڪنهن ۽ ڇاجي ڪري قتل ڪيو آهي. هن گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. سندس مڙه سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو.***نئون ديرو مان شاد محمود ڀٽو موجب ڪيٽي  ممتاز ٿاڻي جي حد  ڪچي جي ڪوٽ سرڪي وٽ پهريان کان مورچو هڻي ويٺل ڪلهوڙا برادري جي هٿيار بندن جديد هٿيارن سان مال چاريندڙ  عبدالحڪيم ناريجو  ۽ عبدالوحيد ناريجو مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ٻرڙا جي رهواسي عبدالحڪيم ولد نواب ناريجو ٿڏي تي گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو ۽  وحيد ناريجو سخت زخمي ٿي پيو هٿيار بند ڪچي جي جهنگ جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا  جنهن بعد  واقعي جو ڪيٽي ممتاز ٿاڻي  جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس لاش ۽ زخمي کي نئون ديرو رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آئي جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي جو علاج ڊاڪٽرن طرفان ڪيو پيو وڃي ٻئي طرف اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال آهي ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۔جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته  ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپور جي ڳوٺ صادق ڪلهوڙا رهواسي  ڪلهوڙا برادري جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو جيڪو الزام مقتول عبدالحڪيم ناريجو وارن تي هنيو ويو هو. ***ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيو  موجب کيتلاري اسٽاپ وٽ گولاڙچي کان  پلال ڀري ايندڙ سوزڪي کي اچانڪ وائرنگ شارٽ هئڻ ڪري باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ باهه کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوران ڳوٺ کيروئي جو رهواسي ليمون سوٽهڙ سوزڪي جي ڇت تان ڪرڻ سبب دماغي ڌڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي ڳوٺاڻن ڪلوئي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ کڻي آيا جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

ياد رهي ته ونگو ۽ مٺي  روڊ تي تائين هيل تائين ڪافي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن رهواسين مختلف وقتن تي اهڙا مطالبا رکيا آهن ته انهي روڊ تي ڪا سرڪاري اسپتال ۽ يا فائر برگيڊ گاڏي هئڻ گهرجي جيڪا اهڙي حادثي ۾ فوري طور پهچي سگهجي. *** مورو  مان مورائي اياز سولنگي موجب ڪچي جي ڳوٺ احمداڻي لغاري ۾ نوجوان 14سالن جي ناري نظيران ڌيءَ محمد بخش لاشاري بندوق جو فائر ڪندي خود خشي ڪري ڇڏي آھي اهڙو بيان ناري جي ڏاڏي ميڊيا اڳيان ڏنو جڏهن ته سندس ڏاڏي وڌيڪ چيو ته ناري جو پيءُ زمين تي ھارپو ڪندو آھي ۽ هو زمين تي ويل ھئو ۽ ناري جو ذهني توازن درست نه هو.

هن گهر ۾ پيل بندوق کڻي پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي, ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آھي ته ناري جي والدين بندوق ٿاڻي تي جمع ڪرائي آھي وڌيڪ انڪوائري ڪري حقيقت کي سامهون آڻبو ته هي خودڪشي آھي يا قتل ٻئي طرف تعلقا اسپتال مان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو, آخري اطلائن تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو.*** مٽياري مان رياض چانڊيو  موجب سيکاٽ وٽ قومي شاهراھ تي سانگهڙ واسي ڪولهي ڪٽنب جي موٽر سائيڪل تيز رفتار ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي  جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت 40 سالا لڪشمي بائو  ڪولهي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.

جڏهن ته سندس پٽ پيتو ڪولهي ۽ ڌي پايا ڪولهي شديد زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي مٽياري تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمين کي ابتدائي طبي امداد بعد تشويشناڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوتي عورت جي لاش کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.***دوداپور  مان اختيارمندراڻي موجب محمدپور اوڍو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀونگر جکراڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان  جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ جوڳي جکراڻي زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي محمدپور پوليس واقعي واري هنڌ پُهچي زخمي کي لاڙڪاڻي اسپتال مُنتقل ڪيو .پوليس موجب واقعو جکراڻي برادري ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.****خانپور مان نمائندي موجب ڳوٺ محمد بخش جعفري ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دؤران لٺيون لڳڻ سبب  ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا محمد اسحاق جعفري،  محمد قاسم جعفري،  تاج محمد جعفري ، خير بخش جعفري زخمي ٿي پيا ٻنھي ڌرين جي زخمين کي الڳ الڳ خانپور اسپتال آندو ويو ،ناپر ڪوٽ پوليس موجب زمين جي تڪرار تان ٻنھي  جھيڙو ٿيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو