سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ 2 فوت 13 زخمي

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان مليل معلومات موجب ملڪيت، پاڻي جي واري، گهرو اڻبڻت ۽ روڊ حادثن جي مختلف واقعن موجب 2 ڄڻا فوت ۽ 13 جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي. ***مانجهند مان مهراڻ يوسف عمراڻي موجب لڪي شاه صدر ۾ معمولي ڳالهه تان جوابدار ساٿين سان گڏجي 25 ورهين جي جسقم ڪارڪن طالب حسين چوهاڻ کي ڇريون هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال سيوهڻ کڻائي ويا زخمي جي وارثن جي رپورٽ تي ٿيٻاٽ پوليس مک جوابدار علي چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ساٿي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا. ذريعن موجب زخمي ۽ جوابدار پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن جن ۾ گهرو مسئلي تان تڪرار هلندڙ ھو.

پنوعاقل ۾ زمين تان جهيڙي جا زخمي

پنوعاقل مان سنتوش ڪمار مطابق رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو مھر ۾ ملڪيت جي ورهاست تان چاچا ڀائٽيا وڙهي پيا هِڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙيون جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب ٽي ڄڻا شوڪت مهر، رسول بخش مهر ۽ وزير مهر زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ ٻه ڀائر ۽ هِڪ سندن ڀائيٽو شامل آهي، جڏهن ته رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي. ***ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر موجب لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس هاءِ وي روڊ کجي باغ وٽ ڏوهارين پنهنجو ٺڪاڻو قائم  ڪري ورتو روڊ تان ڪراس ڪندڙ موٽرسائيڪل سوارن کان ڦُر جو وارڌاتون روز جو معمول بڻيل گذريل رات دير سان 8 کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربندن ڳڙهي ياسين کان شڪارپور ويندڙ جماعت اصلاح الفقراءُ حسيني جي ضلعي صدر فقير مشتاق احمد جوڻيجو ۽ تعلقي صدر فقير عزيزاللّٰه سولنگي کي هٿيارن جي زور تي روڪي تشدد ڪري،موٽرسائيڪل،روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦُر ڪرڻ بعد ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪري روڊ کان 4 ڪلو ميٽرن تائين کنڀي کڻي وڃي ٺڪاڻي تي هٿ پير ٻڌي ڪيترائي ڪلاڪ ويهاري ڇڏيو ڏوهارين ٻيهر روڊ تي وارڌات ڪندي کير جي واپاري زين العابدين سومرو کي به ساڳي جڳه تي هٿيارن جي زور تي روڪي مٿس تشدد ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن ڌاڙيلن سان مزاحمت ڪئي ۽ زخمي حالت ۾ موٽرسائيڪل ڪاهي ٿاڻي تي پهتو ته ٿاڻي جا دروازا بند هئڻ ڪري شهر ۾ گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي واقعي جو اطلاع ڪيو جيڪي واقعي واري هنڌ پهتا ته ڌاڙيلن پوليس کي ڏسي اغوا ٿيل ٻنهي مغوين کي به آزاد ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڌاڙيلن جي چمبي مان آزاد ٿيل ٻنهي مغوين فقير مشتاق جوڻيجو ۽ فقير عزيزاللّٰه سولنگي ٻڌايو ته اسان ڳڙهي ياسين شهر ۾ بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويل ڪامران عرف ڀورو ڀٽو جي جنازه نماز پڙهائڻ بعد واپس شڪارپور وڃي رهيا هئا سين ته اغوا ڪيو ويو. اسين درگاه قمبر شريف جا فقير آهيون. ***اسد شاهه مطابق ٺاروشاهه کان مڃٺ ويندڙ رڪشي جو ڳوٺ خير محمد اڄڻ مان ايندڙ ڊاسٽن سان آمهو سامهو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون سيتا ۽ سيما باگڙي سميت خميسو، غفار، نياز سولنگي ۽ ڌڻي بخش ابڙو شديد زخمي ٿي پيا جڏهن ته زخمين کي فوري طور ٺاروشاهه اسپتال آندو ويو جتي مريضن کي طبي امداد ڏني ويئي جڏهن ته ٻن زخمين ڌڻي بخش ابڙو ۽ نياز سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهرو اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن ته ٺاروشاهه پوليس روايت وانگر پهچي ڊاٽسن ڊائيور کي گاڏي سميت گرفتار ڪر ي ورتو.

ٺارو شاهه روڊ حادثي جا زخمي اسپتال ۾

*** چونڊڪو مان محمد نواز ناريجو موجب سوراھ ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان ريگستاني علائقي ۾ باقر شاه جي مٽن وٽ نامعلوم 50سالا پيرسن درويش پراسرار نموني فوت ٿي ويو آهي جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن جي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو کڻائي آئي. پوسٽ مارٽم  بعد لاش کي لاوارث قرار ڏئي چونڊڪو جي مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر يارمحمد مرکنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي جي جسم تي ڪوبه تشدد جو نشان ناهي مليو موت جو اصل ڪارڻ سخت گرمي ۾ اڃ ۽ بک وگهي مري وڃڻ آهي. ***حيات پتافي مان اڪبر سهرياڻي موجب يارو لنڊ ڀرسان  ڳوٺ سُھراب لنڊ ۾ پاڻي جي واري تان  لنڊ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ سائين بخش لنڊ ولد ڇُٽو لنڊ ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي يڪدم ميرپور ماٿيلو اسپتال آندو ويو جڏھن ته زخمي ٿيل نوجوان جي وارثن  الزام ھڻندي چيو ته ممتاز لنڊ ۽ ان جي ڀائرن پاڻي جي واري تان اسان جي نوجوان کي  ناحق ڌڪ ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي اسين مسڪين آھيون وڙھڻ جيتري سگھ اسان ۾  نه آھي پوليس به انھن جو وانگارو بڻيل آھي  اسين انھن خلاف يارو لنڊ ٿاڻي اين سي ڪرائڻ ويا سين پر پوليس اين سي داخل ڪرڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏي,ھوڏانھن ايس ايڇ او سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه  ٿي سگھيو. ***بلڙي شاھ ڪريم ذوالقرنين لنڊ مطابق گلشن فيز ڪالوني جو رهواسي 25 سالن جو سراج ولد غلام نبي زنگيجو گهريلو اڻبڻت سبب ڦليلي واهه ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪري ڇڏي،  لاش جي ڳولا جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو