سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ٿڌ ۾ اضافو، بجلي غائب

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته تيز هوائن ۽ برسات ٿڌ ۾  اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. برسات ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بند آهي. ان حوالي سان وڳڻ مان علي مصطفيٰ بروهي مطابقوڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ هلڪي هلڪي برسات  جو سلسلو جاري آهي جڏهن تيز هوا سبب ٿڌ ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. ٿڌ ۾ اضافي سبب ماڻهون گهرن تائين محدود جڏهن ته وڳڻ شھر سميت  ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي  بند آهي. *** خيرپور ناٿن شاهه مان برڪت چانڊيو مطابق خيرپور ناٿن شاھ ۽ ان جي پسگردائي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي جڏھن ته ڳوٺ ستاڻي چانڊيو، گوزو، ماڏو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تيز هوا سبب ٿڌ جي واڌ ڪري ماڻھو گهرن تائين محدود رهيا، برسات جي ڪري تعلقه ڪي اين شاه جي بجلي بند هجڻ ڪري عوام پريشان آهي. *** سکر مان جيرام داس مطابق تيز ھوائن سان ھلڪي ھلڪي بوندا باندي موسم خوشگوار بادلن جو گھيرو. موبائيل مارڪيٽ ۾ ڪمپيوٽر ڊائون لوڊنگ وارن عاشقانا گانا تيز آواز سان ھلائي خوب انجواءِ ڪري باھ تي مچ ٻاري ڪچھريون ڪيون. ان کان علاوهه لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، ڄام شورو، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، گهوٽڪي، جيڪب آباد، دادو سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هلڪي برسات سان گڏ تيز هوائن جو سلسلو جاري رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو