سنڌ جي مختلف شهرن ۾خود ڪشي ۽ حادثن ۾ 4 فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خودڪشي، روڊ حادثن ۽ جهيڙن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ٻيا زخمي ٿي پيا.***شاهپور جهانيان مان اسد جاني موجب ڳوٺ جمن ٻگهيو جو رھواسي 10 سالا ضامن علي پٽ شعبان ٻگهيو گچيرو روڊ تان پنهنجي زمين طرف وڃي رھيو ھو ته سامهون ايندڙ رڪشا سان سندس ٽڪر ٿي پيو ، جنهن کي اسپتال مان شروعاتي طبي امداد ڏئي کيس نواب شاهه اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي هو فوت ٿي ويو ، اھڙي خبر پوڻ تي فوتي ٻارڙي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، جڏهن ته گچيرو پوليس رڪشا ڊرائيور نازڪ ٻگهيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو .***خيرپور مان محمد علي جانوري موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ محلا مل ڪالوني ۾  معمولي ڳالهه تان ٻن سڳن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ننڍي ڀاءُ پپن جتوئي  کي وڏي ڀاءُ حاجي جتوئي  پاران چاقو جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ،جنهن بعد پاڙيوارن زخمي نوجوان کي سول اسپتال جي ايمرجنسي ۾ داخل ڪرايو. ايس ايڇ او ذولفقار قريشي ڪاروائي ڪندي  جوابدار حاجي  جتوئي کي  چاقو سميت گرفتار ڪري ورتو.***سکر مان جيرام داس موجب نيو پنڊ واري علائقي ۾ عورت صفيه وسير تي مڙس آصف وسير مبينا تشدد ڪيو،

کيس ڇڏائڻ دوران سندس امڙ ايمنا خاتون به زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.عورت صفيه وسير احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس مڙس آصف وسير ٻي شادي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ هو مڇرجي بيگناهه تشدد ڪندو رهي ٿو.*** بخشاپور مان سھيل جان ڊومڪي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي غفلت 6 ورھين جي معصوم نينگري کان حياتي کسي ورتي 6 ورھين جي معصوم نينگري معصوما ڌيءَ دلبر ڊومڪي پنهنجي گھر کان ٻاھر نڪتي ته شھر جي وچ بازار ۾ گٽر جو ڍڪ کليل هئڻ سبب گٽر نالي ۾ ڪري پئي اطلاع تي نينگري جي وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي معصوم نينگري کي پنهنجي مدد پاڻ بيھوشي واري حالت ۾ گٽر مان ٻاھر ڪڍي بخشاپور جي نجي اسپتال کڻائي آندو جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڳوٺ مينگل چاچڙ جي رھواسي 25 سالن جي نوجوان ھزارو پٽ نواب چاچڙ گھرو پريشاني سبب پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

جنھنجو لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ لاش ڳوٺ پھچڻ تي سندن جي وارثن روڄ راڙو پئجي ويو ۽ نوجوان جي امڙ ۽ ڀينرن کي پڻ دورا پئجي ويا.***غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب ڳوٺ بگن خان بجاراڻي جو رهواسي نوجوان نواب اوڏ گهرو اڻبڻت تان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب 11 هزار تارن جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن اڌ کان وڌيڪ جسم سڙي ويو جنهن کانپوءِ وارثن کڻائي سکر جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي اڄ فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو