سنڌ جي مختلف شهرن ۾حادثا ۽ واقعا 3 فوت 4 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۽ واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. لاکاروڊ  مان اظھر جلباڻي موجب ڳوٺ گلاب خاصخيلي جو رهواسي پورهيت امتياز علي پٽ اڪبر خاصخيلي ڪڻڪ جي لاباري تي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ سانوڻ خاصخيلي ڀرسان نامعلوم ٽريڪٽر ٽرالي کيس ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي سندس مائٽ پهتا پر هو زخمن جا تاب نه سهندي وفات ڪري ويو. ◀ڳوٺ جاڳڻ لاشاري مان نامعلوم چورڪائونسلرعابدلاشاري جي گھر جي ڪوٽ کي کاٽ ھڻي 70ھزارجون 2 گلابي ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا.◀ڳوٺ قاسم وگھيو  مان نامعلوم چور حمزو وگھيو جي گھر کي کاٽ ھڻي لکين روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا. *** ڊگهڙي مان نويد شاهه موجب ڪنگورو شاخ ويجهو تيز رفتار ڪار اُٺ کي بچائيندي بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار حيدرآباد جو رهواسي ڊاڪٽر دليپ ڪمار ولد نارائڻ داس مهيشوري سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٻيا ڊاڪٽر معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا زخمي ڊاڪٽر کي سندس ساٿي ڊاڪٽر ايمبولينس ذريعي حيدرآباد کڻائي ويا، زخمي ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿي حيدرآباد کان اسلام ڪوٽ ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ واقعو پيش آيو. ***مٽياري مان رياض چانڊيو موجب ڳوٺ مصري جکريجا جي مسجد مان ستر سالن جي پيرسن جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي جنهن جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مٽياري اسپتال آندو جتي پوليس جو چوڻ هو ته ابتدائي طور ڄاڻ ملي آهي ته تاج محمد جکريجو صبح جو نماز پڙهڻ ويو ته واپسي نه موٽيو.

جنهن تي مائٽن ڳولا شروع ڪئي ته مسجد جي دريءَ ۾ سندن رسيءِ سان ٻڌل لاش مليو جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.***ميھڙ مان غلام حسين پنھور موجب ڳوٺ شمس الدين بلبل ۾ راند ڪندي 6 سالن جو معصوم نينگر محمد زمان ولد عبدالرزاق چانڊيو ٽريڪٽرٽرالي جي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو ويو. معصوم نينگر تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو . ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، ميهڙ ٿاڻي تي ٽريڪيٽر ڊرائيور بشير چانڊيو ۽ محمد علي چانڊيو مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ٽوڙھي ڦاٽڪ انڊس هاء وي وٽ ڄامشورو کان اوستا محمد بلوچستان  ويندڙ تيز رفتار  موٽر سائيڪلون هڪ ٻئي پويان  ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾  محمد علي لَڪُ عاشق علي ڊومڪي ۽ سندس ڀيڻ رخسانا ڊومڪي  زخمي ٿي پيا.

جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب زخمي 2 ڪلاڪن تائين تڙپندا رهيا زخمي عورت انتظاميا کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. جنهن بعد عملي سندن ملم پٽي ڪئي  جڏهن ته عورت رخسانا جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس لمس منتقل ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب ڊاڪٽر کي سواري نه ملي سگهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو