سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافيون ۽ ڌارين لاءِ ايتري ڳڻتي آخر ڇو!؟

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سڄي ملڪ ۾ جڏهن انڪروچمينٽ جو رجحان توڙي جو قبضاگيرن کي عام ڇوٽ هجڻ ڪري روڊ رستا گهٽيون تنگ ٿيڻ لڳيون، شهرن، بازارن توڙي ٻاهرين رستن تي ٽريفڪ جو جام ٿيڻ عام ٿي ويو بلڪه اسٽريٽ ڪرائيم جون نه رڳو رات پر ڏينهن ڏٺي جو وارداتون وڌي وڃڻ کانپوءِ تنهن وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان اسٽينڊ وٺندي انڪروچمينٽ ختم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، گڏوگڏ شهري آبادي جي سرڪاري زمينن ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا هٽائڻ جا حڪم به ڏنا هئا، وقت جي رفتار سان گذريل ٽن چئن سالن کان انڪروچمينٽ ختم ڪرائڻ لاءِ شروع ٿيل ڪارروائيون اڄ سوڌو جاري آهن.

ملڪ جي چئني صوبن سان گڏوگڏ سنڌ ۾ به شروعاتي ڏينهن ۾ ته وٺ وٺان ڪئي وئي هئي، سُڪن سان گڏ ساوا به ساڙيا ويا، عدالت عظميٰ جي حڪمن تي عمل ڪرائيندي جنهن جو جيترو وس پهتو ۽ جيڪي ڌريون اقتدار جي طاقت ۾ هيون، انهن پنهنجن مخالفن کان تسلي جوڳا پلاند پورا ڪيا، ڪهڙي عمل جو ڪهڙي رخ کان مثال ڏجي، ايتري تائين جو سنڌ جي مختلف علائقن مان جڏهن انهن ماڻهن کي نه بخشيو ويو جن وٽ سندن پنهنجن گهرن ۽ اجهن جا ڪاغذ به موجود هئا، ايستائين جو جڏهن اهي بي گهر ماڻهو بي يارو مددگار ٿي پنهنجن ٻچڙن کي کليل آسمان هيٺ ويهاري زارو قطار پڪاري رهيا هئا ته خود سنڌ هاءِ ڪورٽ به اهي ريمارڪس ڏنا ته اسان انهن ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ نه چيو آهي، جن کي سياسي ماڻهو اڻ سڌي طرح انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آهن پر جن ماڻهن وٽ جيترو اختيار ۽ طاقت هئي، انهن ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي جو انڪروچمينٽ ختم نه ڪئي وئي آهي، پر گڏوگڏ انهي آڙ ۾ جيڪي سنڌ جا طويل عرصي کان رهندڙ ديس ڌڻي هئا، انهن کي بي گهر ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي، جيڪي ماڻهو اڄ سوڌو خانه بدوشي واري زندگي گهاري رهيا آهن، آئون سڄي سنڌ جي ڪهڙي ضلعي جو ذڪر ڪريان، جتي جا ماڻهو اڄ به کُلئي آسمان هيٺ زندگي گذارين پيا.

تازو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب گلزار احمد ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ گڏوگڏ ڪراچي شهر جي گُجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي قابض ٿيل بي گهر ماڻهن جي ڪيس واري ٻڌڻي دوران جيڪي سخت ريمارڪس  ڏنا، ايستائين جو هن نه رڳو سنڌ حڪومت لاءِ شيم جا لفظ استعمال ڪيا، يقينن اهي ريمارڪس انتهائي ڳڻتيءَ ۾ وجهندڙ آهن. آئون مڃان ٿو ۽ هر سنڌ جي رهندڙ کي مڃڻ گهرجي ته گذريل 14 سالن جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي يقينن ڏُکائيندڙ آهي، حالتون هرگز قابل برداشت ڪونه آهن، جنهن به رخ سان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو تبصرو ڪبو ته ڏکائتي ۽ تڪليفن واريون رپورٽون سامهون اچن ٿيون پر اهڙي صورتحال کانپوءِ اهو به سوچڻ تمام ضروري آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي اعتماد تي پورو ڪونه لٿي آهي پر وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن کان هن وقت تائين سنڌ لاءِ ڪهڙيون ماکيءَ جون نديون وهايون آهن، پاڻ ٿورو ان رُخ کي به ڏسنداسون، ڇوته سنڌ به ته آخر هِن ملڪ جو حصو آهي ۽ گڏوگڏ اهو به ڏسنداسون  ته گذريل ٽن سالن کان وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي عوام لاءِ ڪهڙا ميگا پراجيڪٽ ڏنا ويا آهن، انهن تي ڪيترو عملدرآمد ڪرايو ويو آهي، ڇوته چونڊجي اچڻ کانپوءِ پهريان وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان سنڌ جي عوام سان ڪهڙا واعدا ڪيا هئا ۽ اڄ سوڌو اهي وعدا ڪيترا وفا ٿيا آهن يا انهن واعدن بجاءِ هن ديس ڌڻين جي حقن تي راتاها هنيا ويا آهن، مجموعي طور ڏسجي ته وفاقي حڪومت وفاقي کاتي ۾ ميرٽ تي ملندڙ نوڪرين کان وٺي هن ديس ڌڻين ۽ پياسن کي ته پاڻي ڍڪ لاءِ به هن دور ۾ تڙپايو آهي، چيو پيو وڃي ته موجوده وفاقي حڪومت جيڪي سنڌ جي عوام سان بي واجبيون ۽ ناانصافيون ڪيون آهن، سي ته شايد جنرل ضياءَ ۽ آمر پرويز مشرف واري دور ۾ به ڪونه ڪيون ويون هيون، ايستائين جو اڄ تائين اهي انتقامي ڪارروائيون سنڌ صوبو ڀوڳي رهيو آهي.

مون عرض پئي ڪيو ته انڪروچيمينت جي نالي سان پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ جيڪي ڪارروائيون ٿيون، سي سڀ هر ڪنهن جي اک اڳيان آهن، مختلف وقتن تي سنڌ حڪومت پاران انهن بي گهرن کي متبادل اجها ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، گڏوگڏ وفاقي حڪومت پاران به مدينه رياست جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر اهي ديس ڌڻي اڄ ڏينهن تائين پنهنجا اجها ٺاهي ڪونه سگهيا آهن، انهن بي گهر ماڻهن خبر ناهي ته هلندڙ اونهاري جي لڱ ساڙيندڙ موسم ۾ هن کليل آسمان هيٺ ڪيئن گذاري هوندي، سندن معصوم ٻچڙا ۽ گهر جو سيڌو سامان جيڪو لکين رپين جو ته ملبي هيٺيان وڃائي ويٺا، باقي رهيل سامان انهن مسڪينن ڪٿي ۽ ڪيئن هٿيڪو ڪيو هوندو، مڃان ٿو ته سڄي سنڌ جي بي گهر ٿيل ماڻهن سان گڏوگڏ گجر نالي، اورنگي ۽ محمود آباد سميت ڪراچي شهر جي ٻين علائقن مان بي گهر ٿيل ماڻهن تي وقتائتي تڪليف ضرور آهي جنهن تڪليف لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ ڪراچي جي مالڪي جا دعويدار به سپريم ڪورٽ تائين وڃي پهتا آهن، ايتري تائين جو اڄ وفاقي حڪومت جي ڇتي تنقيد سان گڏوگڏ ساڻن 50 سالن کان پهريان جي ڇڏيل بنگالين ۽ بهارين جون زمينون به ياد اچي ويون آهن، وفاقي حڪومت سڄي سنڌ جي عوامي دردن کي وساري اڄ ڪراچي جي شهري آبادي لاءِ سياست تي لهي آئي آهي، حالانڪه  ڪراچي جي انهي گجر نالي يا محمود آباد توڙي ٻين علائقن سان ته گڏ ڪراچي جي ٻهراڙي سنڌي وسندين سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ اڄ سوڌو انهن صدين کان رهندڙ ديس ڌڻين سان ڇا وهي واپري پيو، انهن ته سنڌي وسندين، ڳوٺن جي ماڻهن پنهنجن اجهن لاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا ته اُهي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندڙ سياسي ماڻهو عدالت عظميٰ ته ڇا پر اينٽي انڪروچمينٽ سيل تائين به انهن جي داد رسي لاءِ پهچڻ کان قاصر هئا، ايتري قدر جو انهن ڌرڻيءَ جي وارثن کي ڪٿي ڪٿي نه رڳو پوليس پر رينجرز جي زور تي رات جي پيٽ ۾ به بي گهر ڪيو ويو ۽ جڏهن انهن پاران پنهنجن گهرن جا ڪاغذ ۽ سندون به سامهون رکيون ويون ته فورسز پاران نه رڳو ڏنڊي جي زور تي پر مٿن گوليون هلائي رات جي پيٽ ۾ لڏائي سوين سنڌي وسنديون ڪراچي جي پسگردائي مان مسمار ڪيون ويون، اهڙين ڪارروائين کانپوءِ اڄ سوڌو ڪهڙي اداري انهن بي گهرن جي سار سنڀار لڌي آهي!؟

حالت اها آهي جو سنڌ اسيمبلي اندر مخالف گروپ ۽ اقتدار ڌڻي هڪ ٻئي مٿان پلاٽن تي قبضن جا الزام هڻي عوامي خواهشن تي پورو لهڻ بجاءِ صرف الزام تراشي جي سياست ڪري رهيا آهن ۽ اڄ سوڌو اهي بي گهر ٿيل ماڻهو انهيءَ وسيئڙي ۾ ويٺل آهن ته خدا ڪري ڪو حڪومت طرفان ٻن ڪمرن جو کين ڪو گهر ئي ملي پوي.

پنجن سالن لاءِ جُڙيل وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي خير سان ٽي سال ته پورا ٿي چڪا آهن. تن ۾ ٻنهي حڪومتن وفاق هجي يا سنڌ حڪومت انهن پاران اڄ تائين ڪنهن کي ڪو گهر ته ڪونهي ڏنو ويو، باقي سندن ٽن سالن کان سندن گهر ڊاهڻ واري ڪارروائي جاري آهي. مون شروعاتي سٽن ۾ واضح ڪيو ته سنڌ جي ڪهڙي ضلعي جو ذڪر ڪجي، جتي قبضا هٽائڻ جي نالي سان جيڪي ڪارروائيون ڪيون ويون، لکين ماڻهن کي انهن هنڌن تان هٽايو ويو، جتي انڪروچمينٽ جو نالو ئي ڪونه هيو، مون پنهنجن اکين سان اهڙا هنڌ ڏٺا آهن، جتي انڪروچمينٽ جو نالو ئي نه هو، صرف سياسي تعصب پرستي جي بنياد تي انهن ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو. اڄ اهو ته ٻڌايو وڃي ته اوهان حڪومتن طرفان ڏنو ته ڪجهه ناهي پر عام ماڻهن کي ڏکايو ڪيترو اَٿو!؟

اڄ سنڌ جو ماڻهو اوهان کان اهو به سوال ڪري ٿو ته جتي جتي جن علائقن مان انهن صدين کان ويٺل رهواسين کي بي گهر ته ڪيو ويو، انهن هنڌن تي اوهان جي حڪومت طرفان ڪهڙا گلاب يا رابيل جا گل پوکيا ويا آهن، سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اوهان جيڪي مارڪيٽون ۽ بازارون ڊاهي پٽ ڪيون، ڪهڙي شهر کي سرسبز ڪيو اٿو؟ بلڪه ان جي ابتڙ بازارون ڊاهي پٽ ڪيون اٿو، ڪهڙي شهر کي سرسبز ڪري ڪشادا روڊ ۽ رستا ٺهرايا ويا آهن، آءُ سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ڪهڙين بي واجبين جو ذڪر ڪريان، حالانڪه  چيو اهو ويو هيو ته ملڪ جي مختلف هنڌن تان انڪروچمينٽ ختم ڪري، اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو آڻي ملڪ جي امن امان کي بهتر بنائڻ سميت شاداب ڪيو ويندو، پر اڃا تائين ته ڪجهه به نظر نه پيو اچي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب گلزار احمد ڪراچي جي گجر نالي ۽ محمود آباد جي بي گهر ٿيلن کي اڃا تائين اجها نه ملڻ تي رڳو اهڙا ريمارڪس ڪونه ڏنا آهن، گڏوگڏ هن ڪراچي اندر گندگي جو به ذڪر ڪيو آهي، آءُ ڪراچي جي گجر نالي يا محمود آباد جي بي گهر ٿيل ماڻهن جو ضرور احساس رکان ٿو، گڏوگڏ ڪراچي جي گندگي جو ئي ذڪر ڇو ٿو ڪيو وڃي، ڇا سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن اندر گندگي جي حالت ناهي، اڄ سانگهڙ، ميرپورخاص ضلعي جا ماڻهو گذريل ڏيڍ سالن کان روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن ته انهن جي گهرن ۽ ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. اڄ ڪنهن وس واري جي ڪن تي جونءِ به چري آهي ته ڇا انهن ڳوٺن ۾ گهرن ۾ جتي ڏيڍ سالن کان گندو پاڻي بيٺل هجي ٿو، اتي ڪهڙي گندگي هوندي؟ ڪيتريون بيماريون پکڙجي چڪيون هونديون، معصوم ٻار ۽ عورتون ڪيترو ڀوڳيندا هوندا، آءُ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي انهن علائقن کي به نٿو وساري سگهان، جنهن ۾ لطيف آباد، قاسم آباد جهڙا شاندار علائقا آهن، جتي شل نه ڪا برسات جي ڦڙ ڦڙ پئي ته پوءِ سڄو علائقو گٽرن جي پاڻي سان ابتو پيو وهندو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن کي به بلڪل پاسيرو ڪيو ويو آهي، ڇو ته اتي اڪثر سنڌ جا اصلوڪا ماڻهو رهن ٿا، پر سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۽ ادارن جي سربراهن کي رڳو ڪراچي جا بي گهر ماڻهو، ڪراچي جي گندگي، ڪراچي جون بجلي جون ڪريل تارن ۽ ٻين سهولتن کان محرومين تي ئي نظر پوي ٿي باقي ڇا هي سڄي سنڌ جنهن ۾ ڪيئي ٻيا به ضلعا آهن جتي جا ماڻهو اڄ انسانيت ته ڇا پر جانورن کان به بدتر زندگي گذاري رهيا آهن، آخر انهن ديس ڌڻين جي سار ڪير لهندو!؟

آءُ چيف جسٽس آف پاڪستان جنهن سنڌ حڪومت لاءِ تمام وڏا لفظ استعمال ڪندي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سنڌ حڪومت گجر نالي سميت ڪراچي جي ٻين شهري وسندين جي متاثرن جي بحالي ڪراچي يا انهن ماڻهن کي وزيراعليٰ هائوس يا گورنر هائوس ۾ رهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، آءُ اهڙي هدايتن تي ته کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو پر هڪڙي ڳالهه ضرور ڪندس ته اهي سنڌ جا رهندڙ جيڪي گذريل ٽن سالن کان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، انهن کي ڪٿي رهايو ويندو يا انهن جي اجهن لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو ويندو!؟ بهرحال، عدالت عظميٰ جي اهڙي حڪمن جي پاسداري ته ضرور ٿيندي، ڇوته ڪراچي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي رهواسين ۾ فرق آهي. هونئن به وقت جي تقاضا سان اهو به ڏٺو ويو ته هميشه وفاقي حڪومت هجي يا اعليٰ عدالتون هجن، انهن نه رڳو ڪراچي جو فڪر ڪيو آهي پر سنڌ جو ماڻهو اڄ انهن وس وارن پاران کنيل اهي قدم جتي جيڪڏهن اسلام آباد اندر هڪ شاگرد اسامه جو قتل ٿئي ٿو ته پوري ملڪ مان آواز گونجي ٿو، ساڳئي وقت جيڪڏهن ڪشمور ضلعي جي ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ئي وقت 12 جوان موت جي منهن ۾ هليا ٿيا وڃن ته قبائلي جهيڙن جو نالو ڏئي سڀ ڪو  پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي خاموشي جو روزو رکي ٿو ڇڏي، جيڪڏهن ڪراچي ۾ 10 ڪلاڪ بجلي بند ٿي وڃي ٿي ته پوري ملڪ ۾ ڪيهاٽ پئجي ٿا وڃن پر ساڳئي وقت جيڪڏهن سنڌ جي ٻين شهرن گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص توڙي جو ٺٽي ۾ هفتن جا هفتا ماڻهو اونداهي ۾ ٻڏل رهن ٿا ته ڪنهن جا چپ به ڪونه ٿا چُرن، ان کانسواءِ قصور جي زينب هجي يا لاهور موٽروي وارو واقعو هجي، تن بابت ته ملڪ اندر وڏو ٻڙڌڪ مچي ٿو پر جيڪڏهن ڪا سنڌ ڄائي ٽن يا پنجن سالن جي معصوم نياڻي سان زيادتي ڪري ان کي قتل ڪيو ٿو وڃي، پوءِ اها مونيڪا لاڙڪ هجي يا ڪا ٻي معصوم نياڻي، انهن لاءِ اڄ سوڌو وفاقي حڪومت يا ڪي ٻيا وس وارا نوٽيس وٺڻ جي به زحمت نٿا ڪن. وفاقي حڪومت هجي يا عدالت عظميٰ پاران اهڙين زيادتين ۽ ناانصافين تي ورتل نوٽيس هجن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو پر گڏوگڏ هڪڙي اها ڳالهه ذهن نشين به ڪرائيندس ته توهان سنڌ کان هٽي ٻين صوبن يا گادي وارن هنڌن تي به نظر وجهو.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو