سنڌ جي لاڙ ۽ وچولي ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان،الرٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ بينظيرآباد ڊويزنن ۾ خميس ۽ جمع جي وچ واري رات کان آچر تائين تيز طوفاني هوائن ۽ برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب چوماسي برسات جوھي ٻيو دور هوندو ۽  گذريل برسات کان وڌيڪ بارش پئجي سگهي ٿي.  

موسميات موجب خليج بنگال کان شروع ٿيل سلسلو خميس تي ڀارتي گجرات کان ٿيندو رات تائين سنڌ جي ڏاکڻين علائقن تائين پهچندو. موسميات موجب اتر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ به ڇڙ وڇڙ بارش جو امڪان آهي. جڏهن ته زوب، قلات، نصيرآباد، سبي ۾ پڻ تيز بارش جو امڪان آهي. موسميات کاتي سمورن لاڳاپيل کاتن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته بارشن سبب هلڪي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ان لاءِ پنهنجا اپاءَ ورتا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو