سنڌ جي سينئر ڪامورن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪامورن جون وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي کاتن جا سيڪريٽري تبديل ڪندي ڪجهه کان اصافي چارج واپس ورتي وئي آهي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو کي هٽايو ويو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب مختيار احمد سومرو کي عبدالحليم شيخ جي جاءِ تي صنعتن ۽ تجارت واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد حسين سيد کي صوبائي اليڪشن اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل خان محمد مهر کي ماحولياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقيءَ واري شعبي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو کان آبپاشي کاتي جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب هارون احمد خان کي اوقاف، مذهبي معاملا ۽ عشر زڪوات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد نواز شيخ کان سيڪريٽري سماجي ڀلائيءَ واري کاتي جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. اُن کانسواءِ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل علي ممتاز زيدي کي محمد اختر غوري جي جاءِ تي ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالحليم شيخ کي ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان وري عبدالرحيم شيخ کي هٽائي ايس جي اي اينڊ سي ڊي کاتي کي پورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب لئيق احمد کي خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل عابد حسين زَواوِي کي روينيو کاتي جي ڳوٺ آباد اسڪيم جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، اُن کانسواءِ تميز الدين کيڙو کي محمد اسلم غوري جي جاءِ تي پروڪيورمينٽ اٿارٽي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد رفيق احمد ٻرڙو کي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب اسد الله خان کان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر واري اضافي چارج واپس ورتي وئي، ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (ريفارم سپورٽ يونٽ) جي چيف پروگرام مئنيجر آصف اِڪرام کي بدلي ڪري ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته محمد اختر غوري کي بين الصوبائي رابطن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.
جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ پروڪيورمينٽ اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد اسلم غوري کي بدلي ڪري سنڌ ڪول ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته محمد اسحاق مهر کان لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري واري اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. ان کانسواءِ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ کي بدلي ڪري اڪبر لغاري (جيڪو موڪل تي آهي ۽ بيماري سبب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪئناڊا جي اسپتال ۾ داخل ٿيو هو) جي جاءِ تي ثقافت، سياحت ۽ اينٽي ڪوئيٽيز کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو