سنڌ جي سياست ۾ پي ٽي آءِ جي دلچسپي ۽ ارباب رحيم جي انٽري

ليکڪ  اي اي عباسي

سابق وزير اعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم جي اوچتو وفاقي سرڪار ۾ انٽري ڪيترا سوال پيدا ڪري رهي آهي ۽ اها به خاص ڪري وزير اعظم عمران خان سان ويجهڙائپ ڪنهن معنيٰ خيز سياست کان گهٽ ڪونهي ضرور انهي پٺيان سنڌ جي سياست ۾ نوان لاڙا متعارف ٿيڻا آهن، انهي سلسلي ۾ ارباب رحيم پنهنجي نون پراڻن سياسي رفيقن سان ميل ملاقاتين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان ممنوع حسين جي وفات ۽ ايس ڊي اي جي اڳواڻ راحيلا ٽوانا سان  پڻ تعزيت ڪندي سنڌ جي سياسي دوستن سنگت کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جنهن لاءِ سڀ کان پهريان قومپرست پارلياماني سياست ڪندڙ سيد جلال محمود شاهه سان خاص ملاقات ڪندي ميڊيا آڏو نوان انڪشاف ڪيا آهن ۽  پ پ پ سرڪار ڪوڙا ڪيس مڙهي دهشتگرديءَ جا قلم لڳائي مخالفن کي حراس ۽ خوف ۾ وجهڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي انتقامي سياست ۾ گند ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ اهڙن آفيسرن جيڪي ڪوڙا ڪيس لڳائي سياست ۾ انارڪي پيدا ڪري رهيا آهن انهن وزيرن ۽ ڪامورن جون لسٽون نيب پاران تيار ٿي رهيون آهن. پنهنجي ملڪ جي سياست تي ڪو به اعتبار ڪونهي ڇاڪاڻ ته هتي سڀ ڪجهه جائز ڪري حلال حرام ۾ تميز ڪرڻ وڏو مشڪل مرحلو هوندو آهي. ڪالهه تائين آمريت جي پيداوار سياسي ماڻهو اڄ جا هيرا بڻيل آهن. جيڪي ڪالهه تائين مشرف جي بي ٽيم جا اهم ترين ماڻهو هيا اهي اڄ موجوده پي ٽي آء توڙي پيپلز پارٽي جا اهم رانديگر وزير سامهون نظر اچن ٿا. انهن کي سڻڀيون وزارتون ڏيئي وفاق توڙي صوبن ۾ خوش ۽ راضي ڪيو ويو آهي. اهي ڪالهه تائين مشرف جا اهم ترين ساٿي سڏبا هئا پر هاڻي اهي ئي ساڳيا ئي چهرا پي ٽي آء جي سربراہ عمران خان ۽ پيپلزپارٽي جي چڱي مڙس آصف زرداري جا گيت ڳائي رهيا آهن. هتي سياست ۾ ڪو به معيار ڪونهي اڪثر اهو ٻڌو ۽ ڏٺو ويو آهي ته جيڪو هتي گهڻو تڪڙو ڪوڙ، ڊاڙ، لٻاڙ هڻندو آهي اهو سياست ۾ ڪامياب ۽ پاس سمجهو ويندو آهي. گذريل 14 سالن کان پ پ پ سرڪار جيڪا سنڌ ۾ حڪومت ڪئي آهي اها سڀ کي خبر آهي ته انهيءَ ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان پنهنجي گاڏي هلائي آهي. هاڻي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پيپلزپارٽي اڃان تائين ساڳئي عروج ماڻيندڙ سياسي پارٽي آهي. ڇو جو انهيءَ آزاد ڪشمير جي تازين چونڊن ۾ پي ٽي آء کان پوءِ ٻئي نمبر ايندڙ پارٽي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي. آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ اتان جي عوام کي سياسي قيادت جي فقدان ۽ سياسي متبادل قوت سبب پ پ پ کي وارو مليو آهي نه ته ڪشميري وڏا چالاڪ هوشيار ۽ پنهنجي پرائي جي بهتر انداز ۾ پرک ڪندڙ ماڻهو آهن. آزاد ڪشمير جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سنڌ جي سياست ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي ڪنهن صلاح ڏني آهي. يقينن اها صلاح سنڌ جي بهتري لاءِ مثالي بڻائڻ لاءِ اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي وزير اعظم عمران خان پنهنجو معاون خاص سنڌ جي معاملاتن بابت مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو هڪ وفاقي وزير جيترو پاور ٻڌايو پيو وڃي. تڪڙيون تڪڙيون وزير اعظم جون ارباب غلام رحيم سان ملاقاتون ۽ اسلام آباد جا چڪر ضرور ڪنهن حد تي دنگ ڪندا. جنهن لاءِ اڪثر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ارباب غلام رحيم ائين ئي ايس ڊي اي سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائينس کي به الوداع ڪري وزير اعلي سنڌ جي عهدي تي فائز ٿيو هيو ۽ هاڻي به جي ڊي اي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس کي جهڙي طرح الوداع چئي وڃي پي ٽي آءِ جوائن ڪئي آهي انهيءَ جي پويان ضرور سنڌ جي سياست ۾ نئين سياسي موڙ جي ريهرسل چئي سگهجي ٿي. انهيءَ لاءِ ارباب غلام رحيم اڳ جيان پهريان پنهنجي محسن سياسي مدبر معتدل مزاج شخصيت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سان ملاقات ڪري اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي مخالفن سان انتقامي ڪارروايون ڪندي  ٻڪري جي چوري جو ڪيس لڳائي دهشت گردي وارا قلم لڳايا وڃن ٿا. اهڙي طرح پ پ سرڪار جي اها قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انڌيري ۾ رکڻ سان گڏ پنهنجي سياسي مخالفن سان کليل انتقامي ڪارواين جو عمل ظاهر ٿئي ٿو. جنهن ڪري به پ پ پ جي سنڌ جي ولار خلاف نڪرندڙ احتجاجي ريلين مظاهرن ۽ ڌرڻن کان پوءِ جيڪا قومي ڪارڪنن کي جيلن ۾ وجهي ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس لڳايا ويا آهن انهيءَ تي پوري سنڌ جي اندر پ پ پ خلاف غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه جون ضمانتون ٿيون پر کوڙ سارا نوجوان سياسي ڪارڪن عيد جون خوشيون به پنهنجي مٽن مائٽن رشتيدارن عزيزن سان نه ڪري سگهيا ۽ لک شاباس ۽ جس آهي ڪراچيءَ جي وڪيل برادريءَ جي سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ، فيض سمون، سجاد چانڊيو، سيد خليل شاھ ۽ انهن جي ٻين جاکوڙي ساٿين کي جن ڏينهن رات هڪ ڪري انهيءَ ڪوڙي من گهڙت ڪيس جي اسٽڊي ڪري پنهنجي نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ورتيون نه ته نوجوانن جون زندگيون هي حڪومت تباهه ڪري ڇڏي ها. هاڻي سنڌ جي اندر پ پ پ جي مخالفن کي مضبوط اثرائتو سنڌ سطح تي سگهاري قسم جو اتحاد ئي سياسي ميدان ۾ ڪاميابيون ڏياري سگهي ٿو. جنهن لاءِ وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جا سنڌ ۾ وڏا جلسا ميڙ ڪرائڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي سياست ۾ معتبر سياسي دماغن سياسي مدبرن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير داخلا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ميڊم ناهيد خان، پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرس جي چيئرمين ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي، عبداللہ حسين هارون، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ منهاج القرآن صوبه سنڌ جي صدر مخدوم نديم احمد هاشمي، اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ۽ سينيئر سياستدان مرحوم سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي پٽ سردار امير بخش خان ڀٽو، گهوٽڪي جي مهر برادري ، لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي مان عادل الطاف انڙ، عديل خان انڙ، الله بخش خان ڏاڏو انڙ برادريءَ،  ميهڙ ۽ نوابشاهه جي جتوئي برادري ، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو جهڙي قيادت سميت اهڙن معتبر سياسي شخصيتن کي اڳتي آڻي سنڌ جي نئين سيٽ اپ کي ڪامياب ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ ڪرپٽ وزيرن ۽  ڪامورن جي رستا روڪ ڪري سگهجي ٿي. جنهن لاءِ سنڌ جي اهڙن مذڪورهه ماڻهن کي اختيارات سان گڏ اڳتي آندو وڃي پوءِ تماشا ديک وارو عمل شروع ٿي سگهي ٿو. 

تاريخ ۾ هميشه اهي فرد ۽ قومون زنده رهندا آهن جن پنهنجي عوام لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪري انهن ۾ جياپو ۽ اتساھ پيدا ڪري زندگيءَ جون رونقون بخشيون آهن. جيڪڏهن ڪو اقتدار جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي ئي عوام ۽ ووٽرن سان وک وک تي ٻه اکيائي ٽڻڪ ٺڳيون ڪندو رهندو ۽ رڳو مئل ماڻهن جي تعزيتون وصول ڪرڻ کي عوام جي خدمت تصور ڪري باقي ٻين جائز مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ۽ ڪوششون نه وٺندو ته نيٺ عوام بيزاري ڏيکاريندو ۽ جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان بي انظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاءِ تي پاڪستان احساس ڪفالت پروگرام نالو آڻڻ بعد واقعي سنڌ جي سياست ۾ ڪرپشن مافيائون جو خاتمو آڻڻ گهري ٿو ته پوءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري صرف سنڌ ۾ مضبوط ۽ سگهاري قسم جي سياسي قيادت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تياري وٺي ته پوءِ وڏي گوء ۾ اڳيان ميدان خالي ٿيڻ ۾ دير ئي نه لڳندي ۽ پلٽو مٽجڻ بعد سڀ جو سڀ ڄڻ ته اصل ۾ پي ٽي آء جا هيا ۽ آهن اهڙا اظهار خيالات سامهون گردش ڪندا رهن ٿا. سنڌ کي پ پ پ متبادل گهرجي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ وزير اعظم عمران خان جي دلچسپيءَ تي سڀ ڪجهه منحصر آهي. هونئن به هڪ هٽي قائم ٿيڻ سان آمريتي طور طريقا اڪثر ڪري استعمال ٿيڻ لڳندا آهن ۽ عوام جي بهتري بجاءِ نادر شاهي حڪم ناما جاري ٿيڻ لڳن ٿا. سنڌ جي قسمت اها ناهي جيڪا حڪمرانن پاران ڏيکاري وڃي ٿي. خوشحال سنڌ ۾  خودڪشين جا وڌندڙ واقعا، بک بيروزگاري سبب غربت ۽ مهانگائي جي ڪري ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪورونا جي خاتمي لاءِ لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ 40 لک غير قانوني طور تي ٻاهران آيل غير ملڪي ماڻهن جا قومي شناختي ڪارڊ رد ڇو نه ٿا ڪيا وڃن، صحت، تعليم سميت بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ سبب ماڻهو وک وک تي مجبوري، مفلسي ۽ تنگدستي جي تصوير بڻيل آهن. سنڌ جو عوام هن وقت شديد گرمين ۾ واپڊا جي ناجائزين تي انتهائي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ورتل آهي. تازو سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدر آباد ۾ واپڊا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب 10 بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا ۽ انهي ايڏي وڏي واردات ظلم، زيادتي ۽ غفلت ۽ لاپرواهي واري ڪيس تي حڪمرانن جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي. سواء انهن جي اخباري بيان ۽ رسمي طرح ڏک ٿيو آهي جي خبر کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيڻ بي حسي جي حد ٿي وڃڻ آهي. مقصد ڳالھ جو ته جيڪڏهن واپڊا وارا بجليءَ جو ٽرانسفارمر درست انداز ۾ لڳائين ها ته شايد هي ايڏو وڏو جاني نقصان نه ٿئي ها. اهڙي طرح جيڪڏهن رپورٽ اهڙي قسم جا ڪيس گڏ ڪيا وڃن ته الائي ڪيترا ٿيندا ۽ بجليءَ سبب وفات ڪري وڃڻ وارن جو هڪ ڌار تعداد آهي جنهن لاءِ بجلي صارفين لاءِ ڪو ريليف سرڪاري سطح تي ڪونهي. هاڻي نئين پي ٽي آء جي سنڌ سيٽ اپ ۾ سنڌ کي ڪهڙين ترجيحات ۾ پئڪيج ۽ ريليف ڏياري سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي اها  پي ٽي آءِ جي وزيرن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي مک اڳواڻن اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، نئون لاڙڪاڻو مان چونڊجي آيل سينيٽر سيف الله ابڙو سميت ٻين پي ٽي آءِ جي همدردن نيڪ نيت دوستن کي سنڌ جي معاملن ۾ عملي طور تي ٻڌو وڃي ۽ انهن تجويزن راين جو احترام ڪرڻ گهرجي جيئن ملڪ پاڪستان ۾ پنهنجي عوام جو قدر ڪري سگهجي ۽ ٻين صوبن جا ميٽرو بس، گرين ۽ ايڪسپريس ٽرين جا خواب سنڌ ڏسي ٿڪجي پيو آهي پر عملي طور تي قبضا مافيائون مان جند آجي نٿي ٿي سگهي. جنھن لاءِ بهتر خدمت ۽ ماحول جڙيل آهي پ پ پ سرڪار جي خلاف وفاقي فارمولي ۾ سگهاري اتحاد جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو