سنڌ جي سمورن بورڊز کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ جو فيصلو

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري)سنڌ تعليمي بورڊز چئيرمين ڪميٽي جو اجلاس بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شھيد بينظيرآباد جي ميزباني ھيٺ نوابشاهه ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شھيد بينظيرآباد پروفيسر سيد فارق حسن،چئيرمين بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي ڊاڪٽر سعيد الدين، چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ڪراچي پروفيسر انعام ،چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد ڊاڪٽر محمد ميمڻ،چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپورخاص برڪت علي حيدري،چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ڊاڪٽر احمد علي بروھي،چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر پروفيسر مجتبي شاھ،چئيرمين سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪراچي ڊاڪٽر مسرور شرڪت ڪئي.بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شھيد بينظيرآباد جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پھريون ڀيرو چئيرمين بورڊز  ڪميٽي جو اجلاس نوابشاهه ۾ منعقد ٿيو آھي جنھن ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪم تحت بورڊ جي امتحانن ۽ ٻين ڪمن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري آٽوميشن سسٽم تي آڻڻ واري ڪم کي عملي جامو پارائڻ جي سلسلي ۾ غور ويچار ڪيو ويو جڏھن ته بورڊ ڪميٽي پاران آئي ٽي مينيجرن جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو جيڪو انھن چئيرمين سنڌ بورڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سان گڏ آئي ٽي مينيجرن جي پھريان ٿيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو ھو اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران انھي مقصد لاءِ مليل 750 ملين روپين جي فنڊ کي سمورن تعليمي بورڊن جي چئيرمينن جي گڏيل صلاح مشوري سان شاگردن جي انرولمنٽ تحت فنڊن جي ورھاست ڪئي ويندي انھي فنڊن مان آئي ٽي ماھرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، ڪمپيوٽر ۽ ٻئي سامان جي خريداري، سافٽويئر جي حصول سميت آٽوميشن جي ڪم تي خرچ ڪيو ويندو انھي موقعي تي چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شھيد بينظيرآباد پاران آيل سمورن بورڊ چئيرمينن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاھر ڪئي ته چئيرمين بورڊز ڪميٽي تعليمي بورڊن ۾ وڌيڪ بھتري آڻڻ ۽ امتحانن واري نظام کي وڌيڪ بھتر بنائڻ ۾ گڏيل ڪوششون جاري رکندي جنھن سان سرڪاري شعبي ۾ تعليمي نظام ۾ بھتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو