سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر کي جيارڻ لاءِ لطيف جي پيروي ڪجي؛ معزز

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ ) سنڌ وطن آ سنڌ زمين جو ٽڪرو نه آھي وطن نبين ۽ پکين کي به پيارو آهي. ساڻيھ جي سڪ لافاني جذبو آھي. اھا ڳالهه سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو آڊيٽوريم  ھال ۾ سپر انگلش ڪوچنگ سينٽر طرفان ملھايل ثقافتي ڏھاڙي ۾ صدارتي  خطاب ڪندي چئي. ھن چيو پکين کي به جنم ڀومي پياري ھوندي آهي سنڌ صدين کان امن جو گھوارو رھي آھي موھن جي دڙي مان جيڪا مورتي نڪتي ان کي زيور پاتل ھئا اجرڪ ھئي ۽ اتان اھي شيون نڪتيون جيڪي امن جو اھڃاڻ آهن. سنڌ جي تھذيب  ام التھاذيب آھي. بھترين استاد ۽ مصنف غلام مصطفيٰ لاکو چيو ته ابي امان جي خدمت ڪرڻ ۽ استاد جي عزت ڪرڻ به تھذيب ۾ شامل آھن جيڪي شيون اسان وساري چڪا آھيون سنڌ جي تھذيبي ورثي کي جيارڻ  لاءِ لطيف جي پيروي ڪرڻي پوندي. پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر غلام نبي ڪيريو چيو ته  انهن اديبن کي سلام ٿو ڪريان جن پنھنجي لفظن ذريعي پنهنجن لڙڪن سان مظلومن لاءِ لکيو آھي اسان پاڪستان جا راڻا ھياسين ۽ سمجھيو ھو ته جيڪا پاڪستان جي دوشيزه ھوندي اھا مومل بنجي اسان جون راھون تڪيندي ۽ پوءِ ان دوشيزه کي شيرين بنايو ويو ۽ اسان کي فرھاد بنايو ويو. روشنيء جي شڪايت اھي ڪن جيڪي ڏسي نٿا سگهن اھي شڪايت نه ڪن جيڪي انڌا آھن پنھنجي ننڍين ننڍين نفرتن جي خول مان نڪرڻو پوندو ڪو به غيرتمند ۽ باضمير انسان ڪوڙ جي جھنم ۾ ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي اسين پنهنجي سنڌ ۽ ان جي ثقافت سان پيار ڪيون ٿا جيڪي سنڌ جا ٻه حصا ڪرڻ چاھين ٿا انھن کي شرم اچڻ گھرجي.

ان موقعي تي سپر انگلش ڪوچنگ سينٽر جي انچارج جنيد اختر لاکو آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا سينٽر جي استاد کيمچند جنڊاھوڙو سينٽر تي پوزيشن ماڻيندڙ ڪاشف ڪيريو، اياز ڪيريو، رتن ڪمار ۽ مير محمد ڪيريو کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ۽ چيو ته آئون ھندو آھيان مگر سنڌوءِ جي پاڻيءِ کي گنگا جي پاڻيءَ کان وڌ سمجھان ٿو ۽ خواھش اٿم ته مرڻ پڄاڻان اجرڪ جو ڪفن اوڍايو وڃي. سپر انگلش اسڪول ۽ ڪوچنگ سينٽر جي شاگردن اياز علي ڪيريو، گل محمد جلباڻي، ذيشان ڪيريو، محمد علي لاکو، عامر علي ڪيريو، سنجي ڪمار، محمد اويس ڪيريو، شھزاد سومرو، ميرمحمد ڪيريو ۽ ٻين شاگردن تقريرون ۽ بھترين ثقافتي ٽيبلا ۽ گيت پيش ڪري ڏسندڙن کان داد حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو