سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي مچ ڪچهري منعقد

ٽنڊو محمد خان(لال بخش سٺيو) سنڌي ادبي سنگت ۽ ساٿ فلاحي تنظيم (سفت SFT)  ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ساڃاهه وند عورتن، سُگهڙ سُورمين جي “مچ ڪچهري ” مارئي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن، ماروي سماجي ترقياتي تنظيم، اي بي سي ڊي، سنڌ ڳوٺ سُڌار سنگت جي سهڪار سان  ٽنڊو محمد خان ۾  ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ جي سُگهڙ ۽ ساڃاهه وند  عورتن سهڻي پارس، فردوس سانگي، نظير ناز قريشي، فرحين مغل، زيب النساءَ ملاح، شبانه چانڊيو، سنڌيا سومرو، نازش، پروفيسر فرحانه بلوچ، اسما، رابعه سمون، ملڪه خان، نزهت شيرين، حنيفه بلوچ سميت عورتن ۽ ٻارڙين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته تقريب ۾  غفار اويئرنيس ٿيٽر گروپ ۽ ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي لوڪ فنڪاره سونيا سومرو، سائره سومرو، سنڌيا سومرو، مسڪان چانڊيو، بانسري نواز پهلوان شر بهترين فن جو مظاهرو ڪري عورتن جي مچ ڪچهري کي چارچنڊ لڳايا.

پهنجو تبصرو موڪليو