بارش سبب موسم بهتر، بجلي غائب، ڪراچي ۾ 5 فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ بارش سبب موسم ته خوشگوار ٿي وئي آهي پر بجلي جي ڪرنٽ، ڀت ۽ ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ 5 مانهو فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب لياقت آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت .اورنگي ٽائون ۾ هڪ ٻارڙي، ملير جي شمسي ڪالوني ۾ ڀت ڪرڻ سبب 3 سالن جي ٻارڙي ۽ ابراهيم حيدري ۾ ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان واقعي ۾ هڪ زخمي به آهي. ڪي اليڪٽرڪ خبرادر ڪيو آهي ته بجلي جي ٿنڀن ۽ ڪريل تارن کان پاسو ڪيو وڃي. ڪجهه جاين تي گٽر بند هئڻ سبب چيلهه جيڏو پاڻي بيهي رهيو آهي.

Photo Twitter by @420_abrar

ڪنهن به ايمرجنسي جي صورٽ ۾ 118 تي اطلاع ڪريو. هوڏانهن موسميات کاتي موجب مون سون جي بارشن جو سلسلو ٺٽو ۽ ڪراچي جي سامونڊي پٽي جي آس پاس موجود آهي. مون سون جي پهرين مرحلي ۾ 2 ڏينهن تائين بارش هلندي. ڪراچي ۾ سومر تي رات جو مٽي وارو طوفان به متوقع آهي جنهن بعد گجگوڙ سان بارش جو امڪان آهي.سنڌ جي باقي ٻين شهرن ۾ موسم آچر کان بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي، ڪٿي ڪڪر ڇائنيل آهن ته ڪٿي هلڪي بوندا باندي وقفي وقفي سان هلي پئي. ڪراچي جي اڪثر وسندين سميت سنڌ جي گهڻن شهرن ۾ بجلي غائب آهي. سنڌ ۾ گرمي جو زور ته ٽٽو آهي پر بجلي جو آزار موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو