سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ثقافتي تقريبون

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي سنڌ توڙي وفاقي گادي واري شهر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي تقريبون منعقد ڪيون ويون. دبئي، لنڊن، جاپان، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻن ڏينهن کان ثقافتي ميلا جاري آهن. سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ خاص ڪري اسڪولن ۽ جيلن ۾ به ثقافتي ميلا مچايا ويا. سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن ۽ سياسي پارٽين به تقريبون منعقد ڪري قومي ۽ لوڪ گيتن تي جهمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو. سڄي سنڌ جيان دادو ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. پريس ڪلب ۾ صحافين جي تنظيم فورٿ پلر ويجيلينٽ ميڊيا واچڊاگ آمريڪا جي صوبي سنڌ جي تنظيم جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر آفتاب ڀنڊ، سينيئر صحافي سرور جلال سولنگي،ادل مهيسر، عابد علي ٻٻر، محرم شينو ۽ تنظيم جي عهديدارن ۽ ميمبرن ثقافتي تقريب دادو پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي.ان موقعي تي تنظيم جي مرڪزي صدر فاروق مرزا جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.تقريب ۾ دادو پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ،سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي صدر غوث علي جهتيال،سينيئر صحافي گلڻ ڀنڊ،ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ،نياز الاهي ابڙو،صحافي ولي چانڊيو،قربان خشڪ،فتاح شيخ،خادم حسين چانڊيو، دريا خان جهتيال،سراج الدين ڳورڙ،ايڊووڪيٽ محمد يعقوب لاکير،ڪامران ڪورائي،عزيزﷲ خاصخيلي ،اعجاز چانڊيو، حبدار ٻٻر،نظير ميراڻي،آصف راجپر سميت صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن هن ثقافتي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.تنظيم پاران مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي سنڌ جي نامور فنڪارن احسن سخيراڻي،شبير سخيراڻي قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ محفل ۾ هو جمالو ڳائي ويٺلن ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.اڳواڻن چيو ته سنڌو ماٿري جي تهذيب تمام پراڻي آهي.اسان ثقافتي ڏينهن کي عيد طور ملهائي رهيا آهيون سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن پوري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي ۽ سنڌ جي ثقافت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اتان جون قومون ملهائي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو