سنڌ جي اهم آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سعيد احمد مڱڻيجو کي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري ۽ ذوالفقار شاهه کي معدني وسيلن واري کاتي جو سيڪريٽري بڻايو ويو آهي. جڏهن ته روينيو کاتي جي آر اينڊ ايس جي ميمبر ذوالفقار شاهه کي معدني وسيلن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جمال مصطفيٰ سيد کي ايس اين جي اي ڊي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين شمس الدين سومرو کي هٽائي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد حسين سيد کي ايس اين جي اي ڊي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي دانش سعيد کي بدلي ڪري ميمبر (لينڊ يوٽيلائيزيشن) بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي. مٽياري جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر فرخ شهزاد قريشي کي بدلي ڪري ائنٽي ڪرپشن کاتي جي انڪوائري ونگ جو ڊائريڪٽر مقررڪيو ويو آهي. سول سروس کانسواءِ ڊاڪٽرن جون به بدليون ڪيون ويون آهن. چيف سيڪريٽري جي منظوري سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق نارٿ ڪراچي ۾ اربن هيلٿ سينٽر جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر سيد علي نبي کي ساڳي جاءِ تي ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر اظفر حسين علوي کي چيف ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، نيو ڪراچي اسپتال جي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ناهيد شاهه کي چيف وومين ميڊيڪل آفيسر، ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ قطر اسپتال جي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر کي چيف وومين ميڊيڪل آفيسر ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايڇ او آفيس ۾ بلڊ ٽرانسفيوزن اسڪيم جي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر بدرالدين نظاماڻي کي ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقه اسپتال بلڙي شاهه ڪريم مقرر ڪيو ويو آهي. کهڙا بيسڪ هيلٿ يونٽ جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نور محمد کي راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جو ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽر نعمت الله کي چيف ميڊيڪل آفيسر ۽ ڊائريڪٽوريٽ هيلٿ سروسز ڪراچي جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد شاهد کي سول اسپتال ڪراچي جو سينيئر ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سينيئر ميڊيڪل آفيسرڪشورڪمار کي باڊهه رورل هيلٿ سينٽر جو ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو