سنڌ جو مزاحمتي سرواڻ ،بشير خان قريشي، رحمت الله شر

سنڌ جي عظيم سرزمين ڪيترن ئي املهه جوڌن، دلير دودن ۽ ڪونڌر پٽن کي جنم ڏنو آھي، جن سنڌ ء سنڌي ماڻھن جي حقن لاء  ساري عمر جاکوڙيندي جان جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو ۽ سنڌ امڙ کي سلامت رکڻ لاء عيش آرام، مال ملڪيت ۽ ٻار ٻچن مطلب ته پنھنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي عشق ۾ قربان ڪري شھادت جو جام نوش ڪري تاريخ ۾ سرخرو ٿيا آھن.

هن مضمون جو ليکڪ،رحمت الله شر

شھيد بشير خان قريشي جو نالو بـ انھن  بھادرن، مرد مجھادن ۽ عظيم پٽن ۾ سرفھرست آھي ۽ رهندو. سنڌ جو سچو عاشق، قومپرست ليڊر، سچو انقلابي، فڪرِ جي ايم سيد جو شيدائي ۽ سنڌ جي دنگن جو سپاھي بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع ڌاري ضلعي لاڙڪاڻـي جي شھر رتوديرو جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضيٰ قريشي ۽ گلشن قريشي جي گھر ۾ جنم ورتو. بشير خان قريشي جي پرورش غريب گھراڻي ۾ ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم رتوديرو جي درسگاھن مان ئي پرائي ۽ ان کان بعد ۾  ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي مان بيچلر آف سائنس جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. بشير خان قريشي 1976ع ۾ اسٽوڊنٽ ورڪر طور جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٽنڊوڄام يونٽ جو صدر چونڊيو ويو جنھن کان پوءِ مختلف عھدن تي ڪم ڪيو. آخرڪار 1998 ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو .بشير خان قريشي سنڌ جو ھڪ  عاشق ھو جنھن کي سنڌ ڌرتي لاء پريت، احساس، حب ۽ ولولو ھو، جنھن کي سائين جي ايم سيد جي نظريي سان بي پناھ محبت ۽ بي انتھا عقيدت ھئي. پاڻ سائين جي ايم سيد جو پڪو پوئلڳ عاشق ۽ مريد ھو جنھن پنھنـجي سڄي زندگي سائين جي نقشِ قدم تي ھلندي جان جي پرواھ به نه ڪئي. بشير خان قريشي سنڌ ڌرتي جو عاشق بـ ھو تـ ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ رھندڙ لکين ڪروڙين دلين جو محبوب بـ ھو جنھن پنھنجي منفرد ڪردار، پيار محبت، اخلاق، نياز نوڙت سان سڄي سنڌ جي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو ۽ ماڻھن جي دلين ۾ سمائڻ لڳو . بشير خان قريشي غريبن، لاچارن، مسڪينن، محتاجن، ضرورتمندن ۽ ڪمزورن جو ساٿي،ھمدرد، ٻانھن ٻيلي ۽ ڏک سک جو يار ھيو . بشير خان قريشي  سنڌ م 500 کان مٿي خوني قبائلي جھيڙا ختم ڪرايا ھو جنھن وٽ بـ ويندو ھو تـ نااميد ٿي خالي واپس ڪونـ ايندو ھو ـ بشير خان قريشي جو ھڪ يادگار واقعو . هڪڙي قومي ڪارڪن جي مائٽن کان هڪڙو قتل ٿي پيو سو به اتفاقي،  اهي سڀ بشير خان قريشي  ڏي منٿ ڪري ويا ته توھان ميڙ ڪري هلو خون بخش ڪرائي ڏيو اهو معاف ڪرايو ويو. مخالف ڌر طاقتور هئي، آخر شهيد بشير خان نڪتو ميڙ لاءِ، سوين گاڏين جو قافلو ان ذات جي سردار جي بنگلي تي پهتو. چانهن بسڪٽ وڏي جي اڳيان رکيائون وڏي چيو ته پهريون حال احوال وٺو ان سردار چيو ته اول چانهن پيئو پر بشير خان قريشي چيو نه پيئندم سردار چيو توھان اندر اچو ڪمري ۾ اهي پهريون ئي سمجهي ويا هئا ته بشير خان قريشي خون بخش ڪرائڻ آيو آھي،  بشير خان قريشي به چيس اتي سڀني جي سامهون ڳالهايو. وڏي پنهنجا حال احول ڏنا ان سردار چيو ته خون چٽي ڀري ڏين،  پر بشير خان چيو مان هنن سان واعدو ڪري آيو آهيان ته مان توهان کي مڪمل طور تي خون معاف ڪرائي ڏيندس، ڳالهه هلندي هلندي شهيد بشير خان قريشي اٿي ڪري چيو ته منهنجون چار نياڻيون ويٺيون آهن سڀاڻي جنهن تي وڻيئي پوتي وجهي وڃ ڇو ته خون معاف جو مان واعدو ڪري آيو آهيان،  بس بشير خان قريشي جو ائين چوڻ سڀ ڪارڪن جذباتي ٿي پيا سائين اسانجون نياڻيون ويٺيون آهن بس ايتري ۾ ان مري ويل شخص جو پيءُ اٿيو ۽ چيائين بشير خان تون وڏيري کي ڇڏ، منهنجا ٽي پٽ ويٺا آهن انهن کي به ڪهي ڇڏ اهي به تو کي معاف هي به تو کي معاف منهنجو نياڻيون به توهانجون ٿيون توهان اهي لفظ ڇو چيا! اهو لڪاءُ ڏسي ويٺلن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ان ڪراڙي چيس سنڌ تنهنجي نالي جو سجدو ڪندي آهي توهان اسانکي گناهگار ڪيو آهي !

بشير خان قريشي نـ صرف قومپرست ھو پر ھو سنڌي ماڻھن جو روح ھيو، ھڪ سھارو ھيو، ھو سوشل ورڪر ھو، ڏينھن رات بس سنڌ جي ماروئڙن جي ڳڻتي ھوندي ھئس ۽ ان لاءِ سنڌ جو بار بار طواف ڪندو ھيو . بشير خان قريشي  پنھنجي زندگي جا 6 سال 10 مھينا  مختلف وقتن تي جيل ۾ گذاريا پر ظلم آڏو آڻ نه مڃي.

“ڄميا ھن جھان ۾ ارڏا ڪي انسان، امڙيون سڀ مھان پر قريشي ڄڻي ڪاڪا “

بشير خان قريشي جي ڪيل بي بھا خدمتن،  عظيم قربانين، جفاڪشين ۽ ڪاوشن کي ڪير بـ وساري ڪو نـ ٿو سگھي. بشير خان سنڌ ڌرتي جو اھو سچو عاشق ھو جنھن ڌرتي جي حقن لاءِ اپريل 2012 تي سکر کان ڪراچي تائين پيرين اگھاڙي پيدل سفر ڪيو جنھن ۾ سندس پير ڦاٽي پيا ۽ پيرن مان رت وھڻ لڳو هئس. ماڻھن کيس روڪيو تـ سائين اسان پنڌ ڪيون ٿا توھان گاڏي تي چڙھي اچو پر بشير خان قريشي اھو ليڊر نـ ھو ته ساٿي پنڌ اچن ۽ پاڻ گاڏي تي. پاڻ ڪارڪنن کان پھريان سينو تاڻي بيھندو ھو. ان عشق جي راھ ۾ ھلندي ھلندي ڪائي خبر ئي نـ پئي، ماڻھن جو مختلف رستن تي ڀرپور استقبال گلن جي ورکا ان محبت کي ڏسي بشير خان کان پنھنجا سور ئي وسري ويا بس دل ۾ اھا آس تـ ڌرتي واسي خوشحال رھن، آباد رھن، شاد رھن. بشير خان قريشي کي ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون آھن آخرڪار 7 اپريل 2012ع تي ڪراچي واري شاندار ۽ ڪامياب آزادي مارچ کانپوءِ هو نوابشاھ ضلعي جي ڊيرا مگسي وليج ۾ جسقم جي ورڪرن سان ملڻ لاء پھتو ڪجهه پارٽي ورڪرن سان منجهند جو کاڌو کائڻ کان پوءِ سندس طبعيت خراب ٿيڻ لڳي سور ۽ کنگهه کان ٿيندي تڪليف وڌندي وئي جنھن کان پوءِ اتان جي اسپتال داخل ڪيو ويو نيٺ آخرڪار هو اسان کان ھميشـ  لاءِ وڇڙي ويو . سرڪار سندس خون ئي لوڙهي ڇڏيو، 8 سال گذرڻ بعد به ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

سڄي سنڌ ۾ روئڻ پٽڻ وارو قيامت صغري جھڙو ماتم ڇانئجي ويو، ھر اک آلي ھئي تـ وڏو بشير خان قريشي اسان کان کيئن اوچتو کسيو ويو ، سڄي سنڌ بشير خان قريشي جي وڇوڙي جي صدمي ۾ اڄ تائين سوڳوار آھي.

“اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي.

تـ ماڻيندا منزل سندا ڍول ڍاٽي” .

پهنجو تبصرو موڪليو