سنڌ جو خوبصورت سڏجندڙ بس ٽرمينل کنڊرات ۾ تبديل

سکر(امداد علي ڪلوڙ) 20 سال اڳ شهر ۾ نئون بس اڏو ٺاهي سکر جي رهواسين کي هڪ خوبصورت تحفو ڏنو ويو سکر بس اڏو سنڌ جي سڀني بس اڏن کان وڏو بس اڏو آهي جتان پوري ملڪ پاڪستان ڏانهن مسافرن کي ٽرانسپورٽ ملي ويندي آهي پر بدقسمتي سان بس اڏي جي انتظاميا جي نااهلي ۽ ڪرپشن  جي ڪري سکر بس اڏو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي هتي نه ڪو صفائي جو انتظام آهي نه ئي رات جو لائيٽ جو انتظام آهي 20 سالن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري خوبصورت بس ٽرمينل جي حالت تمام خراب آهي. ذريعن موجب بس ٽرمينل وٽان اٽڪل 900 سو ويگنون، 100 کان وڌيڪ بسون، ليٽيرنون، سروس اسٽيشنون، دوڪان، آفيسون ۽ ڪينٽن جي رڪوري هجڻ باوجود ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن. هتي پيئڻ جي صاف  پاڻي جو به ڪو جوڳو انتظام نه آهي.

جڏهن ته بس ٽرمينل وٽ مسافرن ۽ دوڪاندارن  جي سهولت لاءِ ٺهيل ليٽرينن کي به دوڪان بڻائي ڪرپشن جي عيوض هڪ بااثر کي اهي دوڪان ڏنا ويا آهن جن جو قانون مطابق پهريون اخبار ۾ اشتهار ڏئي واڪ ڏياربو آهي پر هتي ڪروڙين روپين جي دوڪانن کي ڪرپشن عيوض ڏنو ويو آهي دوڪاندارن ۽ مسافرن  پاران بالا آفيسرن جن ۾ نيب، اينٽي ڪرپشن، وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ٻين ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا سکر جي هن خوبصورت بس ٽرمينل جي انڪوائري ڪرائي ان ۾ ملوث ماڻهن کي هٽائي انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سکر جي رهواسين کي ڏنل خوبصورت بس ٽرمينل کي مرمت ۽ صفائي سٿرائي ڪرائي لائٽون هڻائي روشن ڪيو وڃي ۽ ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سهولتون ڏنيون وڃن. شهرين ۽ مسافرن جو اهو به چوڻ آهي ته بس ٽرمينل جي شروعاتي دور ۾ انتظام سنڀاليندڙ ريٽائرڊ فوجي آفيسر جي دور ۾ بس ٽرمينل سکر لبِ مهراڻ سميت سکر جي تفريحي ماڳن کان به وڌيڪ خوبصورت هيو صفائي سٿرائي سميت سڪورٽي جا انتظام به بهتر هئا جنهن ڪري مسافر بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي سکر بس ٽرمينل کان پاڪستان جي ٻين شهرن ڏانهن رات جي وقت به سفر ڪندا هئا ۽ ترقياتي ڪم پڻ اهڙا ڪرايا ويا هئا جنهن جو مثال نه ٿو ملي پر هينئر بس ٽرمينل جي حالت انتظام سنڀاليندڙ جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب انتهائي خراب ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو